ٽنڊورحيم خان (ن پ ا)  ڪاڇي ۾ ٻوڏ جھڙي صورتحال ۾ ايمرجنسي باوجود اسپتالن کي تالا لڳل  آهن، ٽنڊو رحيم ويجھو پي پي ايچ آءِ جي  ۽ ڪي بي چاڪر خان شاھاڻي ڊسپينسري مهينو کان بند پيل آهن، جڏھن ته ڇني بي ايچ يو کي پڻ تالا لڳل آهن ۽ ڪوبه عملو  ڊيوٽي تي موجود ناھي، سرڪاري ۽  پي پي ايچ آءِ جون اسپتالون بند هجڻ ڪري، علائقي ۾ گيسٽرو ، چمڙي  ۽ پيٽ جي بيمارين ۾ ورتل مريض سخت پريشان آهن. صحت کاتو اگھور ننڊ ستل  آهي. ڪاڇي ۾ ٻوڏ دوران ڪيترائي ڄڻا گيسٽرو، مليريا، ۽ مختلف بيمارين ۾ حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته نانگ، ۽ ڇتي، ڪتي وارا ويڪسين اڻلڀ آهن. ٻن مهينن کان ٻوڏ سبب چار يونين ڪائونسل ٽنڊو رحيم ڇني شاهه حسن ساوڙو سميت 400 ڳوٺن جو تعلقي هيڊ ڪواٽر جوهي کان زميني رابطو پڻ ڪٽيل آهي هڪ طرف رستا بند ٻئي طرف اسپتالون بند بک  بيماري سبب ماڻهو عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور؛ علائقي گلزار شاهاڻي، مزار، دين محمد، امين جمالي، واسين مطالبو ڪندي چيو ته بي ايڇ يو  ڇني سميت ڪاڇي جي سڀني اسپتالون دوائون فراهم ڪيون وڃن.