ڪراچي (نمائندن وٽان) ٽنڊو رحيم خان سميت ڪاڇي ۾ مليريا کانپوءِ وڏي کنگهه جا هاڃا جاري آهن، جتي هڪ  ئي هفتي ۾ 7 مائرن جون جھوليون خالي ٿي ويون، ڪاڇي جي ڳوٺ کنڌاني ۾ وڏي کنگهه سبب 7 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي ٻار وڏي کنگهه ۾ مبتلا آهن، فوتي ٻارڙن ۾ محمد ولد ميران شاهاڻي،3 سال جي سائران ڌيءُ ڪمال شاهاڻي 3 مهينن جو خان محمد ولد عمر، احمد ولد شريف، ٻه سال جي خديجه، اسلم، ٽن مهينن جي هير ڌيءُ غلام رسول فوتين ۾ شامل آهن. هڪ ئي ڳوٺ ۾ 7 ٻارڙا فوت ٿيڻ سبب علائقي واسي سخت خوف ۾ ورتل آهن، صحت کاتو اگهور ننڊ ستل آهيجوهي جي يوسي ڪمال خان جي ٻوڏ متاثر ڳوٺ چنجاڻي ۾ رڪشا  هلائيندڙ ممتاز خاصخيلي جي 13 ورهين جي نياني گُڏِي دماغي مليريا سبب فوت ٿي وئي. ڪاڇي جي شھر ڊرگهه بالا ۾ 17 سال جو ڪامران پٽ محمد اسلم گرماڻي ۽ ھيرو خان ۾ 50 سال جو بخشل کوسو مليريا وگھي فوت ٿي ويا.