جوهي (رپورٽ: ايم بي ٻٻر) ڪاڇي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي  ڀوتار خلاف اليڪشن وڙهندڙ عظيمان شاهاڻي  مبيناطور ڀوتارن طرفان وائيس چيئرمين جي اميدوار کي اغوا ڪرڻ خلاف سيشن جج دادو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.عظيمان شاهاڻي پاران داخل درخواست ۾ ڄاڻايو ويو ته سندس وائيس چيئرمين جي اميدوار رسول بخش شاهاڻي کي سندس مخالف اميدوار ۽ برادري جي سردار اغوا ڪري ڇڏيو، جنهن سبب جانچ پڙتال واري ڏينهن حاضر نه ٿيڻ سبب آر او سندس فارم رس ڪري ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ  سيشن جج دادو عظيمان شاهاڻي جي درخواست تي آر او جوهي کي حڪم ڏنو ته هو 23 جون تي پيش ٿئي، جڏهن ته عظيمان شاهاڻي جي وڪيل کي چيو ته هو وائيس چيئرمين جي اميدوار رسول بخش شاهاڻي کي  23 جون تي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪن. ٻي طرف عظيمان شاهاڻي الزام هڻندي چيو آهي ته سردار خلاف اليڪشن ۾ بيهڻ سبب سندس وائيس چيئرمين کي اغوا ڪرڻ بعد منهنجي خاندان کي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن. هن چيو ته مان ڪاڇي جي عورتن جي مسئلن جي حل لاءِ اليڪشن ۾ حصو ورتو آهي، سوشل ميڊيا تي سنڌ جي شعور پاران منهنجي حمايت ڪرڻ تي مان سندن شڪرگذار آهيان. هن چيو ته اميد آهي ته عدالت منهنجو فارم بحال ڪندي.