ڪاڇي واسين جي اهنجن ۾ اضافو

0
134
سوچ-۾-تبديلي-آڻڻ-جو-وقت

 وري برساتن جي سلسلي پوري سنڌ سميت ڪاڇي واسين جي اهنجن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته برساتن پوڻ جي ڪري خاص ڪري ڪاڇي ۾ سڀ کان وڏو نقصان اهو ٿو ٿئي ته جو اچ وڃ بند ٿي وڃي ٿي، ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي وڃن ٿا، جيڪي ماڻهو روز ڪمائين روز کائين اهي ماڻهو سڀ کان وڌيڪ پريشان ۽ متاثر ٿين ٿا.  ڇو ته هڪ ڏينهن هجي ته ماڻهو بک سک برداشت ڪري وڃي هي ته سلسلو پوري مهيني کان جاري  ساري آهي. ڪاڇي واسين جو اڪثر ڪري گذر سفر واڻ نوڙي ۽ مال متاع تي آهي. هن هيڏي آفت ۾ مال جو گذارو ڪيئن ٿئي انهن جي لاءِ چارو ڪٿان اچي ۽ ڪيئن اچي. جيڪڏهن خدا نه ڪري ڪنهن سان ڪا ايمرجنسي ٿئي ته اهو ماڻهو ڪيئن شهر تائين پهچي؟ کاڌ خوراڪ جي کوٽ  جي ڪري ڪاڇي ۾ جيڪي شوگر جا مريض آهن

اهي ڇا کائين، عام ماڻهو ته دال پٽاٽو کائي يا بصر يا مستي کائي پنهنجو پيٽ ڀري ٿو ڇڏي ٻيو ته روڊ رستي نه هئڻ جي ڪري کاڌ خوارڪ جي شين ۾ زبردست کوٽ ٿي پيدا ٿئي ۽ شيون مهانگي اگهه تي ملن ٿيون. ڇو ته واپاري جي به مجبوري آهي، گپ چڪ لتاڙي پيرين پنڌ واهن ڍورن مان ڪلهن تي سامان کڻي اچن ٿا. سوچڻ جهڙي ڳالھه اها آهي ته هڪ ماڻهو ڪيترو سامان کڻي سگهندو ۽ ڪيترا چڪر کڻي سگهندو. اسان جي ملڪ جي 70 سيڪڙو آبادي ٻهراڙين ۾ رهي ٿي ۽ 30 سيڪڙو آبادي شهرن ۾ رهي ٿي. بدنصيبي چئجي، غفلت چئجي جو 70 سيڪڙو آبادي واري علائقو هميشه مصيبتن ۽ مشڪلاتن ۾ ڦاٿل رهي ٿو، ليڪن 75 سالن جي ڊگهي  عرصي ۾ ڪڏهن به سنجيدگي سان نه سوچيو ويو ۽ نه وري ڪا جٽادار پاليسي جوڙي  ماڻهن کي سهولتون ميسر ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون.اسان وٽ ھميشه کان اهو دستور رهيو آهي  نه ڪا منصوبابندي۽ نه ئي وري ڪا رٿا بندي،

بس مڙئي ڪم ڪرڻو آهي، ڪم ڪرڻ کان پهرئين موسم وقت ۽ حالتن جو ڀرپور جائزو وٺبو آهي ۽ وڏي عمر وارن ماڻهن سان صلاح مشورو ڪبو آهي ڇو ته انهن پنهنجي حياتي ۾ پاڻي جا وڏا وهڪرا ڏٺا هوندا آهن  ۽ انهن کي اندازو هوندو آهي ته هن جاءِ تان ڪيترو پاڻي گذر ڪري ٿو ۽ ڪيتري اسپيڊ سان هلي ٿو پوءِ وڃي بهتري ايندي. اهو سڀ  ڪم تڏهن ٿيندو جڏهن اسان جي دل ۾ درد ۽ پنهنجن ماڻهن سان محبت هوندي. انگريز سرڪار هتي حڪومت ڪئي ۽ ڪري ڏيکاري ڇو ته انهن جي دل ۾ حقيقي درد ۽ ماڻهن سان محبت هئي، انهن ڇا ڇا نه ڪيو، دريائن مان بئراجي سسٽم ٺاهيائون، ريل جون پٽڙيون وڇايائون سو به جبل ڪٽي. گاج جو رخ تبديل ڪيائون، گورک هل اسٽيشن ڳوليائون، موئن جو دڙو ڳوليائون وغيره وغيره ڇا انهن جي وقت ۾ ايڏيون وڏيون بارشون ۽ آفتون ڪو نه اينديون هونديون؟

اسان جو ته حال ئي نه آهي جو اسان کان صرف هڪڙي روڊ جي به پلاننگ ٿي نه ٿي سگهي. هر سال ماڻهن لاءِ ساڳئي قسم جي تڪليف پيدا ٿي ٿئي. سوچڻ جهڙي ڳالھه اها آهي ته درست پلاننگ نه هجڻ جي ڪري ڪيڏو ملڪ ۽ قوم جو نقصان ٿئي ٿو. ڪيترا روڊ گاج جي وهڪري جي نظر ٿي وڃن ٿا وري ٻيهر نوان روڊ ٺاهيون ٿا، سو ان ڪري هڪ دفعو تڪليف ڪري منظم پاليسي جوڙي معياري روڊ ٺاهيا وڃن جتان روڊن کي نقصان ٿئي ٿو اتان اهڙو مضبوط ۽ جٽادار ڪم ڪيو وڃي جو ڪنهن به قسم جي نقصان جو انديشو نه هجي. هيترو سارو وقت گذري ويو آهي ۽ هن مهل تائين چونڊيل نمائندن ۽ نه وري ضلعي حڪومت ڪا ڪاڇي واسين جي مالڪي ڪئي آهي؟ ڪنهن پڇيو آهي ته توهان ڪهڙي حال ۾ آهيو؟ گذريل سال جڏهن ٻوڏ آئي هئي ته ان جي ٿيل نقصان ۽ تباهي جو ازالو ئي ڪو نه ٿيو هو سو وري هاڻي ٿيندو. ماڻهن جا فصل ٻڏي ويا، سولر پليٽون لڙهي ويون، مال متاع لڙهي ويو، گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، ڪروڙن جو نقصان ٿيو، بدلي ۾ سرڪار جيڪا سهائتا ڪئي سا سون ۾ توڙڻ جي برابر هئي بس هڪڙو ڪٽو امداد جو.نه قرض لٿو نه مرض لٿو.