واهي پانڌي (ن پ ا) واهي پانڌي ۾ شهرين پاران واهي پانڌي_ جوهي روڊ بحال نه ٿيڻ خلاف گورک چوڪ کان ريلي ڪڍي المرتضيٰ چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي   اڳواڻن حاجي محمد جمالي، وقار مستوئي ۽ ٻين دانيهندي چيو ته  هڪ  هفتي ٿي ويو آهي واهي پانڌي ۽ گورک هل اسٽيشن سميت ڪاڇي جا روڊ رستا بحال نه ٿي سگهيا آهن، ايمرجنسي ماڻهو ڪنهن اسپتال ۾ نٿا پهچي سگهن، ڪيترائي ڳوٺاڻا علائقن ۾ ڦاٿل آهن، انتظاميا ڪجھه ناهي ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته  ڪاڇي جا روڊ رستا بحال ڪيا وڃن.