ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آل پاڪستان ٽمبر ٽريڊرز ايسوسيئشن مطالبو ڪيو آهي ته  پرڏيهه مان ڪاٺ  گهرائڻ تي لاڳو ڪيل درآمدي شرط ۽ پابنديون معطل ڪريون وڃن، ٻي صورت ۾ هڪ طرف ملڪ جا ٻيلا تباهه ٿي ويندا ٻئي طرف   ڪاٺ جي قيمت ۾  اضافي سبب فرنيچرز سميت ڪاٺ جي شين جي ايڪسپورٽ کي وڏو نقصان رسندو، ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٽمبر ٽريڊرز ايسوسئشن جي چيئرمين شرجيل گوپلاڻي ، صابر بنگش ۽ ٻين چيو ته اسان جا واپاري آمريڪا، ڪئناڊا، جرمني، سوئيڊن، آسٽريليا، ملائيشيا، فن لينڊ  ۽ ٻين ملڪن مان ڪاٺ گهرائين ٿا، اهي ملڪ ماحولياتي طور ذميوار ۽ ترقي يافته ملڪ آهن، وفاقي حڪومت جي جاري ڪيل امپورٽ پاليسي آرڊر سان ڪاٺ  جي واپارين کي سخت نقصان ٿي رهيو آهي، حڪومت جي اهڙي عمل سان فرنيچر جي صنعت سخت متاثر  ٿيندي،  جڏهن ته لکين ڪاريگر بيروزگار ٿي ويندا، هنن مطالبو ڪيو ته ڪاٺي جي درآمد تي لاڳو ڪيل شرط ختم ڪيا وڃن.