ڪراچي (شوبز نيوز) عالمي شهرت رکندڙ آمريڪي ڳائڻي شير ۽ سمٿسونين چينل جي تعاون سان دنيا جي سڀ کان اڪيلي هاٿي ڪاون تي هڪ دستاويزي فلم جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. دستاويزي فلم جو ٽريلر جانورن، انسانن ۽ ڌرتي جي سمورن جاندارن جي رابطي بابت آهي. هڪ منٽ ، 31 سيڪنڊ جو ٽريلر پاڪستان ۾ ڪاون جي اڪيلائي ۽ ڪمبوڊيا ۾ منتقل ٿيڻ جو جذباتي منظر پيش ڪري ٿو. ٽريلر ٻڌائي ٿو ته شير کي ڪهڙي ڳالهه ڪاون جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي راغب ڪيو ۽ هن مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ گيت والز پڻ رڪارڊ ڪرايو. “شير ۽ اڪيلو هاٿي” جي عنوان سان هي دستاويزي فلم هن مهيني جي 22 تاريخ تي پرامائونٽ پلس تي رليز ڪئي ويندي