ڪانپور: 195 ڪروڙ نقد، 23 ڪلو سون ۽ 6 ڪروڙ جو قيمتي سامان هٿ

0
1206

ڪراچي(م ڊ) ڀارت جي شهر ڪانپور سان واسطو رکندڙ ڪاروباري شخصيت پيوش جين جي قبضي مان 195 ڪروڙ رپيا نقد، 23 ڪلو گرام سون ۽ 6 ڪروڙ رپين جو قيمتي سامان هٿ ڪيو ويو آهي

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب جي ايس ٽي انٽيليجنس جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل پرفيوم جو ڪاروبار ڪندڙ پيوش جين جي مختلف هنڌن تي ڇاپو هنيو ۽ ڀارتي تاريخ جي سڀ کان وڏي رقم هٿ ڪئي

ڊي جي جي ايس ٽي پيوش جين جي قبضي مان 195 ڪروڙ رپيا نقد، 23 ڪلو گرام سون ۽ 6 ڪروڙ رپين جي چندن جو تيل هٿ بر آمد ڪيو

ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف جي ايس ٽي 120 ڪلاڪ جي ڇاپي دوران ضبط ڪيل خزاني جي رقم کي ڳڻڻ لاءِ سينٽرل بئنڪ آف انڊيا جي مدد ورتي ۽ پوءِ بئنڪ جي مشينن جي مدد سان رقم جو حساب ڪيو ويو

اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته پيوش جين تي ٽيڪس چوري تي 52 ڪروڙ رپيا ڏنڊ لڳايو ويو آهي ۽ جوابدار هن وقت 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي پوليس جي حراست ۾ آهي

ٻئي طرف پيوش جين جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته 52 ڪروڙ رپيا ڏنڊ وصول ڪرڻ بعد باقي رقم منهنجي موکل کي واپس ڪئي وڃي، پر اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر چيو ته رقم حڪومت جي اڪائونٽ ۾ رهندي جيستائين ڪيس جو فيصلو نه ٿيندو