پيرس (شوبز نيوز): فرانس ۾ 76 هين فلم ميلي ڪانز فلم فيسٽيول جي شروعات گذريل ڏينهن ٿي، انميليل ۾ ڊيبيو ڏيندڙ بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا سارا علي خان پهرين ڏينهن ريڊ ڪارپيٽ لاءِ ديسي فيشن جي چونڊ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ننڍي نواب ۽ اداڪار سيف علي خان جي ڌيءَ سارا علي خان پنهنجي پهرين ڪانز ڊيبيو لاءِ ڀارتي ڊزائنر ابوجاني سنديپ کوسلا جي آئوري رنگ جي لهنگي جي چونڊ ڪئي. ان لهنگي جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان کي مڪمل طور تي هٿ سان تيار ڪيو ويو آهي. سارا علي خان ٿوري ميڪ اپ ۽ زيورن سان گڏ روايتي ڪنوار جو روپ ڌاريندي پنهني رَئي کي پنهنجن وارن تي سيٽ ڪيو 16 مئي کان فرانس ۾ شروع ٿيل 76 هون فلمي ميلو ڪانز فيسٽيول 27 مئي تائين جاري رهندو.