پئرس (شوبز نيوز) ڪانز فلم فيسٽيول ۾ هڪ عورت يوڪرين ۾ عورتن سان زيادتي جي معاملي تي احتجاج ڪيو. فرانس ۾ جاري ڪانز فلم فيسٽيول ۾ شريڪ عورت ريڊ ڪارپيٽ تي ماڻهن جي وڏي انگ ۾ موجودگيءَ دوران پنهنجا اڌ ڪپڙا لاهي دانهون شروع ڪري ڇڏيون. عورت نعرا هنيا ۽ رڙيون ڪيون ته اسان سان زيادتي بند ڪريو. عورت پنهنجي جسم تي يوڪرين جي جهنڊي وارا رنگ به لڳايا هئا ۽ سندس جسم تي اسان جو ريپ بند ڪريو جا لفظ به لکيا هئا. عورت جي اهڙي قدم تي تقريب ۾ موجود سيڪيورٽي اهلڪارن کيس فوري طور تي گهيري ورتو ۽ ڪپڙا پارائڻ جي ڪوشش ڪئي. عورت جي احتجاج تي يوڪريني اختيارين بيان جاري ڪيو آهي ته هو ملڪ جي مختلف حصن ۾ روسي فوج جي قبضي کانپوءِ عورتن سان زيادتي وارا ڪيس رپورٽ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن.