ڪامياب ۽ ناڪام رياست جا بنياد

0
167
ڪامياب ۽ ناڪام رياست جا بنياد

 پاڪستان پنهنجي بحراني تاريخ مان گذرندي اهڙي موڙ تي پهچي چڪو آهي جتي هن جي مستقبل جو بحث ڀيانڪ ۽ خوفناڪي امڪانن تي ڪيو ٿو وڃي. اهو بحث هن رياست سان اختلافي نقطه نظر رکندڙ قوم پرست ۽ ٻيا ڌڙا نه پيا ڪن پر هي بحث هاڻي ملڪ جا معاشي ماهر پوءِ اهي حڪومت ۾ هجن يا حڪومت جا اتحادي سڀ جو سڀ انهن امڪانن تي بحث ڪندي نااميدي ۽ مايوسي جي امڪانن سان گڏوگڏ هي به امڪان ٻڌائين پيا ته ايندڙ وقت ۾ هي جيڪو معاشي بدترين بحران رياست کي ناڪامي جي طرف ڌڪي پيو انهيءَ کان ڇوٽڪارو ممڪن آهي. مخالف ڌر ته پهرين ڏينهن کان ئي اهو بحث ڪري پئي ۽ ان جا معاشي ماهر وڏي پيماني تي اها دعويٰ ڪن پيا ته هن موجوده سياسي سيٽ اپ ۾ رياست جو ڏيوالي نڪرڻ واضح ۽ چٽو نظر اچي پيو. پاڻ مخالف ڌر جي سياسي تنقيدي پهلو کان سندن دعوائن ، بحثن ۽ تجزين کي نٿا دهرايون پر جيڪي حقيقت پسند ۽ غير جانبدار ماهر آهن انهن جي راءِ ۽ تجزيي کي اهميت نه ڏيڻ نه رڳو غلط ٿيندو پر چٽي حقيقتن کان سڌو سنئون انڪار ڪرڻ ٿيندو. انهن تجزين بحثن امڪاني انديشن کان وڌيڪ زميني حقيقتون هن ملڪ جي هر شهري جي اڳيان آهن جو هاڻي مهانگائي صرف مهانگائي ناهي پر وبا جيان وڌندڙ خوفناڪ آفت بڻجي چڪي آهي. عوام ته پيڙجي ئي پيو ڀلي حڪمران طبقي کي انهيءَ جي ڪا به پرواھه نه هجي ليڪن اها معاشي بحران جي آفت هاڻي هن رياست جا بنياد لوڏيندي هڪ تباهي ۽ بربادي جو خوف پيدا ڪيو آهي. اهوئي سبب آهي جو پاڪستان جو معاشي ماهر شبر زيدي هڪ نجي ٽي وي ( اي آر واءِ ) تي چٽن لفظن ۾ چيو ته“هاڻي اسان سڀني کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته هي رياست ناڪام ٿي چڪي آهي مان اهو پوري اعتماد سان چوان ٿو بچڻ جو ڪو به ٻيو رستو ناهي سواءِ ان جي ته اسان هن ملڪ جا سڀ جو سڀ رهواسي کلي سان دل اهو تسليم ڪريون ته رياست ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن اسان کي هي ملڪ بچائڻو آهي ته انهيءَ جي بچائڻ جي لاءِ پوري جذبي ۽ سچائي سان پنهنجي نئين سفر جو آغاز ڪريون….” شبر زيدي گذريل پي ٽي آئي حڪومت ۾ ايف بي آر جو سربراھه رڳو نه هو پر هو تمام گھڻو سرگرم ۽ ايترو بااختيار هو جيترو وزير خزانه، ٻڌايو ٿو وڃي ته شبر زيدي کي انهن حلقن معاشي بهتري جون ذميواريون ڏياريون هيون جيڪي عمران خان جي حڪومت ۾ ايندڙ وقت جي بحرانن جي امڪانن کي محسوس ڪري رهيا هئا. هن جڏهن ٽيڪس وصولي جي سختي ڪئي ۽ انهن ڌڙن جي طرف آڱر ڪئي جيڪي حڪمران ٽولن جا هر دور ۾“ ڊارلنگ”رهيا آهن ته کيس نه رڳو روڪيو ويو پر هن جي ڪم ڪرڻ ۾ ايتري ڏکيائي پيدا ڪيائون جو هن حڪومت کان الڳ ٿيڻ ۾ بهتري سمجھي. ساڳئي صورتحال اتحادي حڪومت جي پهرين وزير خزانه مفتاح اسماعيل جي ڏسڻ ۾ آئي. مفتاح اسماعيل سان ماهر معاشيات ڪيترا به اختلاف رکن پر ان نقطي تي ڪو به سمجھدار ماڻهو اختلاف نٿو رکي سگھي ته ملڪ جي اشرافيا ڪلاس کان ٽيڪس نه وٺجي. هن جڏهن دڪاندار ۽ واپارين کي ٽيڪس نيٽورڪ ۾ آڻڻ جو پلان ٺاهيو ته خود ن ليگ جي قيادت ۽ خاص ڪري ن ليگ جي شهزادي مريم نواز صاحبه سندس پاليسين تي مخالفت ڪندي چيو ته “واپاري طبقي ۽ دڪاندارن کي جيڪڏهن تنگ ڪرڻ جي پاليسي ترڪ نه ڪئي وئي ته هو خود انهن پاليسين خلاف احتجاج ڪندي”مفتاح اسماعيل دانهون ڪندي اڄ به چئي پيو “ هن ملڪ ۾ ٽيھه لکن کان وڌيڪ وڏا دڪان آهن انهن مان رڳو ٽيھه هزار کان به گھٽ ٽيڪس ڀرين ٿا پوءِ هي معاشي سسٽم ڪيئن بهتر ٿي سگھندو انهيءَ کان علاوه اشرافيا ڪلاس جا وڏا بنگلا ۽ رهائشي علائقا اربن روپين جي ويليو رکن ٿا ٽيڪس نالي ماتر به نٿا ڏين اهوئي سبب آهي جو پوري ٽيڪس جو دٻاءُ پيٽرول ۽ ڊيزل تي وڌو ٿو وڃي سيلز ٽيڪس يا عام واهپي جون شيون مهانگي ٿيڻ سان بد ۽ برو اثر غريب ۽ وچولي طبقي تي پئجي رهيو آهي ..

” هو ڊالر کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي پاليسي جي بجاءِ مارڪيٽ پرائسس تي زور ڏئي رهيو هو. (ضروري ناهي ته مفتاح جي ان پاليسي سان پاڻ متفق ٿيون ) پر هن جو پورو زور ان نقطي تي هيو ته هاڻي هي ملڪ اشرافيا ڪلاس کي پالڻ ۽ نپائڻ جو ٻوجھه پنهنجي ڪلهن تي کڻي نٿو سگهي. معاشي ماهرن کان سواءِ ڪو به سمجھدار ۽ معيشت جي الف ب کي ڄاڻيندڙ ماڻهو اهو ٺيڪ طرح سان سمجھي سگھي ٿو ته ٽيڪس جي نظام بهتر ٿيڻ کان سواءِ معيشت ۾ بهتري اچي نٿي سگھي. معاملو اتان شروع ٿيندي هن ملڪ جي حڪمران طبقي جي پوري پاليسي سمجھڻ ۾ اسان کي مدد ڏئي ٿو ( پاڻ جڏهن حڪمران طبقي جي ڳالھه ڪريون ٿا ته ان ۾ رڳو سياستدان يا سياسي حڪومتون شامل ناهن پر ڪامورو شاهي اسٽيبلشمينٽ ۽ آمريتن جي دورن ۾ تمام جو تمام حڪومت ۾ رهندڙ ۽ ان جا مراعت يافته سڀئي گروھه شامل سمجھڻ گھرجن  ) جو هنن ڪڏهن به پاڪستان جي معيشت کي حب الوطني جي جذبي سان ته تعمير ڪرڻ جي لاءِ ناهي سوچيو پر معاشي ضرورتن ۽ معاشي تقاضائن مطابق به ڪڏهن پاليسي ناهي جوڙي نه ڪڏهن صنعتي پاليسي جوڙي وئي آهي ۽ نه وري زرعي پاليسين تي ڌيان ڏنو ويو آهي. تمام حڪمران گروهن جو رويو پڇ لٽڪائو سرمائيدارن وارو رهندو پيو اچي جن جي حڪمتِ عملي ۽ پاليسي اها رهي آهي ته ڪهڙي طرح سان دنيا جي ميني فيڪچرن ڪمپنين کان ڪميشنون وٺجن ۽ پنهنجا کيسا ڀرجن. هن وقت حالت اها آهي ته معمولي دوائون هي ملڪ تيار نٿو ڪري سگھي، زرعي ٻجن جي لاءِ اسان کي چائنا ۽ ٻين ٻاهرن ملٽي نيشنل ايگريڪلچر ڪمپنين تي ڀاڙڻو ٿو پوي. هڪ زرعي ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين ڪڻڪ ، دالين ۽ سبزين جو آئي ڏينهن بحران مان ثابت آهي ته هن ملڪ جي حڪمران طبقي کي عوام جي معيار زندگي بهتر ڪرڻ جو ڪو به تصور ناهي، معاملو رڳو معاشي پاليسيز جي بهتر ڪرڻ يا صنعتي ۽ زرعي ترقي جون حڪمتِ عمليون ٺاهڻ تي بيٺل ناهي ،هن ملڪ جو عوام حڪومتي مدد کان سواءِ پنهنجو پورهيو ڪري ۽ پنهنجي طور تي خودرو پيداوار وڌائڻ ۾ ڏينهن رات جنبيل آهي پر انهيءَ جو فائدو عوام کي ملڻ جي بجاءِ مٺ جيترا منافعي خور وٺي رهيا آهن. موجوده اٽي جي بحران کان پوءِ سنڌ جو وزير اعليٰ اعتراف ڪندي هاڻي پيو اها ڳالھه مڃي ته هي سڄو ڪرائسس گھڻي ڀاڱي ذخيرا اندوزن جو پيدا ڪيل آهي. ساڳيائي بيان پنجاب مان به اچي رهيا آهن ۽ اتي به اهائي تنقيد ٿئي پئي ته ڪڻڪ جا گدام ڀريل آهن، خاص ڪري واپارين وٽ تمام گھڻو ذخيرو ٿيل آهي پر عوام کي مهانگي کان مهانگو اٽو يعني 150 تائين في ڪلو وڪرو ڪيو ٿو وڃي. سنڌ جي وزير اعليٰ چيف سيڪريٽري کي چيو آهي ته هر ضلعي جي انتظاميه کي پابند ڪيو وڃي ته هو قيمتن تي ڪنٽرول ڪن ۽ ذخيرا اندوزي جي خلاف ايڪشن وٺن. ڪنهن به رياست جي ڪاميابي ۽ ناڪامي جو بنياد انتظامي ۽ قانوني توازن ۽ اصولن تي بيٺل هوندو آهي. ڀلي رياست جي طبقاتي تشريح ڪهڙي به ٿئي انهيءَ ۾ سياسي بحران ۽ معاشي بحران ته جنم وٺندا آهن ليڪن اهي بحران ڪڏهن به خود رياست جي وجود کي نقصان ناهن پهچائيندا. حڪومتون تبديل ٿينديون آهن معاشي پاليسيون جڙنديون آهن هڪ ٻئي جي ضد ۾ نظريا ايندا آهن ۽ آزمايا ويندا آهن پر جڏهن رياست کي خطرو محسوس ٿئي تڏهن سمجھڻ گھرجي ته رياست جي اندر خود انهيءَ جي قانون تي حڪمران ٽولو رياست جي مشينري عمل نه پئي ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ رياست کان عوام جي بددلي ۽ بيزاري پيدا ٿيندي آهي. هن وقت پاڪستان جي اندر مٺ جيترا ڏوهاري ٽولا ايترا طاقتور آهن جو اهي کلي عام پنهنجو وارداتون ڪندي رياست جي رٽ کي رڳو چئلينج نه پيا ڪن پر لتاڙين پيا. ڪو به اهڙو ڏوهاري ٽولو ناهي جنهن جو تعلق سياست ۽ رياست جي اندر ڌڙن سان نه هجي ۽ نه وري ڪو اهڙو اشرافيا ڪلاس جو گروھه آهي جيڪو پنهنجي طاقت انهن کان ٻاهر رکندو هجي. هاڻي جڏهن ملڪ جي اندر ٽيڪس ڏيندڙ ٽيڪس ڏيڻ کان انڪاري هجن، ملڪ جي اڪانومي برباد ٿي وڃي امن خراب هجي ۽ برباد هجي، ملڪ جي معيشت کي هر دور جي اندر قرضن تي هلايو وڃي ظاهر آهي ته قرضن ۽ پينو اڪانامي عوام کي ڪهڙي نهج تي پهچائيندي ۽ خود هي رياست پنهنجي مستقبل جو مقدر ڪهڙو پئي لکي. رياست جي طاقت جو بنياد انصاف ۽ اصول آهي جڏهن اهو بحال ٿيندو ته شيون بهتر ٿي وينديون ان جي بحالي جي لاءِ لازمي آهي ته تمام سياسي جماعتون ۽ خاص ڪري اهي سياسي جماعتون جيڪي برن ۽ بدتر گناهن کان ڪجهھ بچيل آهن انهن کي هڪ مضبوط موقف اختيار ڪندي ۽ بهتر نظام جي لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو ۽ انهيءَ سان ئي هن ملڪ جو توازن بحال ٿيندو ۽ معيشت به سڌري سگھندي. حڪمرانن کي هي يقينن سمجهھ ۾ ايندو ئي هوندو ته هر دفعي آفتون نه اينديون جو دنيا پنڻ جي ڪجهھ جھول ۾ وجھي ۽ پر جي اينديون به سهي ته انهيءَ جي لاءِ امير ملڪ مدد ڪرڻ ۾ پاڻ کي پابند نه سمجھندا. ايندڙ وقت صاف انڊيڪيٽر ڏئي پيو ته جي هن رياست کي بچائڻو آهي ته پنهنجا رويا ۽ قبلا درست ڪرڻ پوندا.