آئرلينڊ(انٽرسٽنگ نيوز) آئرلينڊ جي ڊاڪٽرن ڪامياب آپريشن ڪري عورت جي پيٽ مان 55 بيٽريون (سيل) ڪڍي ورتا. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آئرلينڊ ۾ ڊاڪٽر ويجهڙ ۾ ئي هڪ 66 سالن جي عورت جي آنڊن ۽ پيٽ مان 50 کان وڌيڪ سيل بيٽريون ڪڍيا. رپورٽن موجب عورت پاڻ کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڄاڻي واڻي ايتريون بيٽريون ڳِهي وئي هئي. آئرش ميڊيڪل جرنل ۾ شايع ٿيندڙ هڪ رپورٽ موجب عورت جو علاج ڊبلن جو سينٽ ونسنٽ يونيورسٽي اسپتال ۾ ابتدائي طور تي تقريبن 55 بيٽريون ڳهي وڃڻ کانپوءِ ڪيو ويو. عورت جي ايڪسري مان هن جي جسم ۾ بيٽريون جي موجودگيءَ جو انڪشاف ٿيو هو. شروعاتي طور ڊاڪٽرن عورت جي جسم مان قدرتي طور تي بيٽريون نڪرڻ جو انتظار ڪيو، پر هڪ هفتي جي مدت ۾ عورت 5 بيٽريون حاجت دوران جسم مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب رهي. پر مٿين ٽڻ هفتن دوران ڪيل ايڪسري مان معلوم ٿيو ته وڌيڪ بيٽريون اڃا به عورت جي پيٽ ۾ ئي موجود آهن جنهن سبب هن جي پيٽ ۾ سور ٿيڻ لڳو. جنهن کانپوءِ ڊاڪٽرن آپريشن ذريعي تقريبن 46 کان وڌيڪ بيٽريون عورت جي پيٽ مان ڪڍي ورتيون. رپورٽن موجب چيو پيو وڃي ته ڪنهن به انسان هڪ ئي وقت ۾ سڀ کان وڌيڪ بيٽريون ڳهيون آهن.