پنجاب صوبو نه رڳو آبادي جي لحاظ سان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي پر ورڇ جوڳي پول مان آبادي وڌيڪ هجڻ ڪري ٻين صوبن کان وڌيڪ کيس مالي وسيلا به ملن ٿا، ان ڪري ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ترقي جي حوالي سان پنجاب صوبو تمام وڌيڪ اڳتي آهي،
اعليٰ بيورو ڪريسي جي اڪثريت به پنجاب صوبي سان آهي، ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور صوبو تصور ٿيندڙ پنجاب صوبي ۾ چون ٿا ته ڪنهن وقت پنجابي ٻوليءَ ۾ “خبران” نالي روزاني اخبار نڪرندي هئي اها يا ته بند ٿي وئي آهي يا ايتري معمولي سطح تي شايع ٿي رهي آهي جنهن جو ڪٿي به ڪو ذڪر نه ٿيندو آهي، ايئن پنجابي ٻولي ۾ پنجاب صوبي اندر هن وقت هڪ به اهڙي روزاني اخبار شايع نه ٿي رهي آهي جنهن کي صوبي جي عوام جا پنجابي ٻولي ۾ مسئلا اجاگر ڪندڙ اخبار قرار ڏئي سگهجي، نه رڳو ايترو پر سڀ کان وڌيڪ آبادي رکندڙ پنجاب صوبي ۾ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل “اپنا” ڪجهه وقت پنجابي ٻولي ۾ هليو پر ان کي به تبديل ڪري اردو ٻوليءَ ۾ انٽرٽينمينٽ چينل طور هلايو پيو وڃي.
تازو ڪجهه مهينا پي اين اين يعني پنجاب نيوز نيٽ ورڪ نالي سيٽلائيٽ چينل آيو ته اها نالي سبب اميد ڪئي پئي وئي ته اهو پنجابي ٻولي ۾ نشريات شروع ڪندو، پر ان جون خبرون اردو ۾ پڙهيون وڃن ٿيون، چون ٿا ڪڏهن ڪڏهن بيپر پنجابي ٻولي ۾ نشر ٿين ٿا، ايئن پنجاب ٽي وي نالي سيٽ لائيٽ چينل به انٽرٽينمينٽ چينل آهي. چون ٿا ته جيڪو به نج پنجابي ٻولي ۾ ڊرامه نشر نه ٿو ڪري. مطلب ته ملڪ اندر چئني صوبن مان سنڌ واحد صوبو آهي جنهن جي پنهنجي سنڌي ٻولي ۾ پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا باقي صوبن کان نه رڳو وڌيڪ مضبوط آهي پر سنڌ سان ناڻي، پاڻي، تيل، گئس سميت ٿيندڙ زيادتين توڙي سنڌ جي سماجي مسئلن کي ايوانن ۽ وس وارن تائين موثر نموني پهچائڻ جو ڪم به سنڌي ميڊيا ڪري رهي آهي. پشتو، بلوچي، سرائيڪي ۾ ٽي وي چينل ۽ اخبارون آهن پر انهن جو تعداد سنڌي ٽي وي چينلن ۽ اخبارن جيترو نه آهي، پنجاب صوبي ۾ پنجابي ٻولي ۾ اثرائتي اخبار يا نيوز چينل ڇو نه آهي واري سوال تي ڪڏهن ٻئي ڀيري اينداسين، اڄ روزاني “پنهنجي اخبار” جي ٻئين ۽ “ٽائيم نيوز” جي پهرين سالگرهه آهي، پاڪستان ۾ پرويز مشرف دور ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي جيئن شروعات ٿي رهي هئي تڏهن علي قاضي صاحب پهريون سنڌي سيٽلائيٽ چينل آڻڻ چاهيو ته ڪيترن ئي ماڻهن چيو ته سنڌي ٻولي ۾ سيٽلائيٽ چينل نه هلي سگهندو، ان باوجود علي صاحب نه رڳو سنڌي ٻوليءَ جي پهرين سيٽلائيٽ ٽي وي چينل جو بنياد رکيو پر ان کي ڪاميابين جي بلندين تائين به پهچايو، سوال هي آهي ته جيڪڏهن علي قاضي صاحب اهو چئلينج قبول نه ڪري ها ته ڇا سنڌ صوبو ٻين صوبن کان سيٽلائيٽ ٽي وي چينلن کان اڳڀرو هجي ها؟ ان سوال کي پڙهندڙن تي ڇڏي مان سڀ کان اڳ “پنهنجي اخبار” جي مڪمل ٿيل ٻن ورهين جي سفر طرف اچان ٿو.
سڀ کان اڳ علي صاحب “پنهنجي اخبار” ڊجيٽل پليٽ فارم کي استعمال ڪندي آندي، ايئن روزاني “پنهنجي اخبار” سنڌي ٻولي جي پهرين باضابطه مڪمل تياري سان آيل ڊجيٽل اخبار بڻجي وئي، پنهنجي اخبار جي ويب سائيٽ کي يوٽيوب پاران اشتهار ملڻ ۽ “پنهنجي اخبار” جي رڳو فيس بوڪ تي لک 52 هزار فالوورز ٿي وڃڻ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته “پنهنجي اخبار” ڊجيٽل پليٽ فارم تي پنهنجو سفر تيزي سان اڳتي وڌايو آهي. “پنهنجي اخبار” جڏهن پرنٽ صورت ۾ آڻڻ جو فيصلو ٿيو تڏهن ميڊيا جي موجوده بحراني ڪيفيت کي سامهون رکي ڪيترن کي اهو چوندي ٻڌو ته هن وقت ڪا اخبار ڪامياب نه ٿي سگهندي، ايئن به نه آهي ته اهڙيون ڳالهيون ڪندڙ هن شعبي کان ڪي اڻ واقف هئا پر پنهنجي اخبار پرنٽ صورت ۾ مارڪيٽ ۾ آئي ۽ مشڪل حالتن باوجود نه رڳو پنهنجي جاءِ ٺاهي پر جيڪڏهن ايمانداري سان سنڌ جي ضلعن جي شهرن، علائقن مان معلومات وٺجي ته “پنهنجي اخبار” عملي طور وڌ ۾ وڌ وڪرو ٿيندر اخبار طور سامهون آئي آهي.
“پنهنجي اخبار” اڃان پنهنجي سفر جو هڪ سال مڪمل ڪيو هو ته گذريل سال 8 اپريل تي ان وقت علي قاضي صاحب سنڌي ٻولي ۾ “ٽائيم نيوز” سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آڻڻ جو فيصلو ڪيو جڏهن دنيا سوڌو ملڪ اندر ڪورونا وبا عروج تي هئي، مارڪيٽون، ڪاروبار، ٽرانسپورٽ بند هئي، ماڻهو گهرن تائين محدود هئا، اهڙي صورتحال ۾ نيوز چينل آڻڻ جو فيصلو ڪرڻ به ڪو آسان ڪم نه هو پر“ ٽائيم نيوز” جي نشريات شروع ٿي، “ٽائيم نيوز” جي سفر جو به پهريون سال مڪمل ٿي ويو آهي، ان سان اهو ته واضح ٿي ويو ته ميڊيا ۾ پروفيشنل ۽ معياري ڪم جي نه رڳو گنجائش آهي پر ان کي موٽ به ملي ٿي.
جڏهن “پنهنجي اخبار” شروع ٿيڻ کان اڳ علي قاضي صاحب سان سينيئر صحافي سهيل سانگي صاحب جي موجودگي ۾ ملاقات ٿي هئي تڏهن نئين “پنهنجي اخبار” آڻڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه دوران مون کي منهنجي اکين ۾ آلاڻ محسوس ٿي، مون پنهنجي ڪيفيت ڪنهن تي ظاهر ٿيڻ نه ٿي ڏيڻ چاهي ، مون کي خبر نه آهي ڇو علي قاضي صاحب سان ان جي اڳ واري اداري ۾ گذاريل وقت ياد اچي ويو هو، خير مون کي اها خوشي هئي ته مان علي قاضي صاحب جي سٿ جو حصو ٿي رهيو آهيان ان سان گڏ مون کي اهو به معلوم هو ته علي صاحب سان ڪم ڪرڻ به ڪو آسان نه آهي مٿان نئين اداري طور زيرو کان سفر شروع ٿي رهيو هو، جيڪو آسان نه هو. اهو چڱي ريت معلوم هو ته نئين “پنهنجي اخبار” کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي،
جڏهن “پنهنجي اخبار” شروع ٿي ته مون ڏٺو ته علي قاضي صاحب هفتن جا هفتا مسلسل روزانو ڪالم لکڻ شروع ڪيا، سرڪيوليشن، رپورٽرن جا مامرا سڀ اڪيلي سر ڏسڻ باوجود رپورٽن جي گروپ ۾ رکيل خبرن کي پڙهي فوري طور تي رهيل پاسن جي نشاندهي ڪندو ڏسي اسان جو به اتساهه وڌنڌو رهيو. اسلام آباد مان پارليامينٽ، ناڻي، پاڻي، سياست ۽ ٻين مامرن بابت ڪم ڪرڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيو آهيان ان بابت ته پڙهندڙ، اسان جو ايڊيٽر علي قاضي صاحب، نيوز ايڊيٽر جاويد بوزدار، سب ايڊيٽر منصور ٻرڙو يا قيوم سروهي صاحب ڪا راءِ ڏئي سگهن ٿا پر مان ايترو چئي سگهان ٿو ته مون هميشه پروفيشنل ڪم کان وڌيڪ ڪنهن به ٻئي مامري کي ڪڏهن اوليت نه ڏني آهي، اهو به چئي سگهان ٿو ته “پنهنجي اخبار” پنهنجي سفر جا ٻه سال پورا ڪيا آهن هاڻي جڏهن کوڙ صحافي دوست ان تي افسوس ڪندا آهن ته ڪاش اسان به توهان سان گڏ سٿ ۾ شامل ٿي وڃون ها انهن دوستن جو اهو افسوس محسوس ڪرائيندو آهي ته اسان جو سفر ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، پر اسان جي منزل اڃان به اڳتي آهي.