ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس جعلي بريگيڊيئر سميت 6 ڀتا خورن کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار ٿيلن ۾ سيد سجاد علي، ماجد علي، محمد منصور، محمد ارسلان، بابر علي ۽ محمد اويس شامل آهن. پوليس موجب جوابدار ڪڏهن بريگيڊيئر ۽ ڪڏهن ڊي جي نيب سڏائي شهرين کي بليڪ ميل ڪري ڀتو وٺندا هئا. جوابدار پاڻ کي ڊي جي نيب سڏائي هڪ سرڪاري کاتي جي ڊائريڪٽر کان 15 لک وصول ڪيا هئا، پوليس موجب جوابدارن جا ڪجهه ساٿي دبئي ۾ موجود آهن،