ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ورڪر ويلفيئر بورڊ جي سيڪريٽري بچل راهپوٽو کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي جڏهن ته سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊي جي سعيد جماڻي کي بدلي ڪري ورڪر ويلفيئر بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي،  جڏهن ته ڊاڪٽر ارشاد احمد کي سنڌ گورنمينٽ اسپتال ڪورنگي جو ايم ايس مقرر ڪيو ويو آهي.