برمنگهم(اسپورٽس نيوز) ڪامن ويلٿ گيمز ۾ موجود پاڪستاني دستي ۾ شامل مختلف راندين جي رانديگرن کي هن وقت تائين ڊيلي الائونس ناهي ملي سگهيو. رانديگرن ميڊيا سان شڪايت ڪئي آهي ته هنن کي لاڳاپيل فيڊريشن هن وقت تائين الائونس ناهي ڏنو. سوئمنگ، باڪسنگ، بيڊمنٽن ۽ ٽيبل ٽينس کان علاوه هاڪي ٽيم جا رانديگر موجوده صورتحال مان پريشان نظر آيا. هاڪي ٽيم جي رانديگرن کي يوميه 100 ڊالر الائونس جي مد ۾ ملڻا هئا. پاڪستان اسپورٽس بورڊ پنهنجي ذمي 40 ڊالرز جي ادائگي ان وقت ئي ڪري ڇڏي هئي پر رانديگر هاڪي فيڊريشن طرفان 60 ڊالرن جي ادائگي جي انتظار ۾ آهن. پاڪستان هاڪي فيڊريشن رانديگرن کي جڪارتا ايشيا ڪپ جا ڊيلي الائونس به اڃا تائين ناهن ڏنا ويا.رانديگرن کي لاهور ۾ لڳندڙ ڪيمپ جا ڊيلي الائونس به ناهن مليا.