برمنگهم(اسپورٽس نيوز) ويٽ لفٽنگ جي 81 ڪي جي ڪيٽيگري ۾ پاڪستاني ويٽ لفٽر حيدر علي کي شڪست نصيب ٿي. تفصيل موجب برمنگهم ۾ جاري پاڪستان جي حيدر علي ڪامن ويلٿ گيمز 2022ع ۾ ويٽ لفٽنگ ايونٽ جي 81 ڪلوگرام ڪيٽيگري ۾ گڏيل طور تي 305 ڪلوگرام وزن کڻي پنجين پوزيشن حاصل ڪئي. حيدر اسنيچ ۾ پنهنجي پهرين ڪوشش ۾ 135 ڪلو وزن کڻندي سٺي شروعات ڪئي. پراعتماد پاڪستاني ويٽ لفٽر ان کانپوءِ پنهنجي پوزيشن مضبوط بڻائڻ لاءِ 140 ڪلو وزن کڻڻ جو فيصلو ڪيو پر اهو مٿين ٻن ڪوششن ۾ ايئن ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو. حيدر علي جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ ويٽ لفٽنگ ۾ 3 آگسٽ تي نوح بٽ ۽ هنزلا دستگير ايڪشن ۾ هوندا. ويٽ لفٽر نوح بٽ 109 پلس ڪي جي ۾ حصو وٺي رهيو آهي جڏهن ته هنزلا دستگير 109 ڪي جي ۾ ايڪشن ۾ هوندو.