برمنگهم (اسپورٽس نيوز) ڪامن ويلٿ گيمز وومين ڪرڪيٽ جي ٻي ميچ ۾ باربوڊوس وومين پاڪستان کي 15 رنز ۽ نيوزيلينڊ وومين ڏکڻ آفريڪا کي 13 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ گروپ اي جي ٻي ميچ ۾ باربوڊوس وومين ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 144 رنز ٺاهيون. ڪيسيا نائٽ 62 ۽ هيلي ميٿيوز 51 رنز ٺاهي نمايان رهيون. پاڪستان وومين طرفان فاطمه ثنا 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. پاڪستان 145 رنز جي هدف پٺيان 6 وڪيٽن جي نقصان تي  129 رنز ٺاهيون، ندا ڊار مزاحمتي 50 رنز جي اننگ کيڏي. ٽورنامينٽ جي ٽئين ۽ گروپ بي جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ وومين ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 2 وڪيٽن جي نقصان تي 167 رنز ٺاهيون. سوزي بيٽس 91 ۽ صوفي ڊيوائن 48 رنز جي اننگ کيڏي نمايان رهيون. ڏکڻ آفريڪا وومين ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 154 رنز ٺاهي سگهي. چلو ٽريون 39 رنز ٺاهي نميان رهي. نيوزيلينڊ طرفان صوفي ڊيوائن 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.