برمنگهم (اسپورٽس نيوز) برمنگهم ۾ جاري ڪامن ويلٿ گيمز 2022ع جي مينز ٽيبل ٽينس مقابلن ۾ پاڪستان جي فهد خواجه آخري گروپ ميچ به کٽي ورتي. آخري گروپ ميچ ۾ فهد خواجه ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوبيگو جي ڊيرن ڊوگلاس کي شڪست ڏني. رپورٽن موجب فهد خواجه گروپ 15 جون ٽئي ميچون کٽي رائونڊ آف 32 ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي. ان کان اڳ فهد خواجه گروپ 15 جي پهرين ميچ ۾ گيانا جي ڪرسٽوفر فرينڪلن کي 0-4 ۽ ٻي ميچ ۾ بنگلاديش جي محتسين احمد کي 1-4 تان شڪست ڏني هئي.