شهدادڪوٽ (رپورٽر) شهدادڪوٽ ۾ سنڌ سيڪيولر اسٽيڊي فورم پاران ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺائي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي ڪنيالال، صوفي عبدالخالق بلوچ، وهاب پندراڻي، عرس سيلرو، رستم جمالي، ديدار سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ غلام رسول سهتو هاري جدوجهد جي سڃاڻپ هو، هو سچو ۽ کرو انسان هو. هنن چيو ته موجوده حالتون صحيح ناهن انهن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هنن چيو ته ڪا به قوم هڪ هنڌ ناهي بيهندي يا اڳتي وڌندي آهي يا پوئتي ٿي ويندي آهي. هنن چيو ته اڄ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو رجهان گهٽ ٿي ويو آهي جنهن کي بحال ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي ڪيل جدوجهد هميشه ياد رکي ويندي هن جي هڪ سڏ تي ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا.