حيدرآباد (پ ر) سنڌياڻي تحريڪ چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي وڏيرن جي مخالفت ۾ ووٽ ڏيندڙ سنڌي هاري تحريڪ جي اڳواڻ ڪامريڊ علي سوڍو جي ڏوهٽي کي قتل ڪيو ويو آهي. قتل کي هفتو گذرڻ باوجود قاتل گرفتار ناهن ٿيا. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سڀاني ڏاهري، عمراه سمون، سنڌو ملاح، سلميٰ لاشاري ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي مخالفت ۾ ووٽ ڏيڻ جي سزا قتل مقرر ڪئي وئي آهي. مخالفت ۾ ووٽ ڏيندڙن کي قتل ڪيو ٿو وڃي. هنن چيو ته سنڌ جو عوام بنيادي انساني حقن کان محروم آهي. واقعي ۾ ملوث مک جوابدار سجاد سوڍو کي سجاول پوليس واقعي کانپوءِ ٻن ڪلاڪن دوران ئي گرفتار ڪري ورتو هو پر اڃا تائين سندس گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺن.