مورو (ن پ ا) مورو پريس ڪلب م سينئر صحافي قوم پرست ۽ ھاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي ياد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پارام تعزيتي ميڙاڪو رکيو ويو جنھن جي صدارت محمد اسلم ڪوريجو ڪئي. جڏھن ته ڪامريڊ ھاشم کوسو، ڪامريڊ يونس راھو، محمد ھاشم نول، غلام عباس کوکر مھمان خاص ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ غلام رسول سھتو ھڪ اصول پرست اڳواڻ ھو، جنھن اصولن جي بنياد تي ھاري تحريڪ جو حصو ٿي آخري گھڙيءَ تائين پنھنجو پاڻ ملھايو. ڪامريڊ سنڌ ۾ منظم ھاري ڪاميٽي جو بنياد وجھي ھارين جي حقن لاءِ جاکوڙي پاڻي لاءِ ڊگھي جدوجھد ڪئي، شاگرد سياست کان ويندي ھاري جي حقن تائين جدوجھد ڪئي ۽ صحافت جي آزادي لاءِ ڪيترائي ڀيرا جيل پڻ ڪاٽيو ۽ قومي پورھيو ڪري سنڌ جي لاءِ آواز بڻجندو رھيو، ھو سنڌ جي سياست ۽ صحافت جو اجرو ڪردار ھو. جڏهن ته ڪامريڊ سڪندر ڪورائي، غلام اصغر چانڊيو، محمود اعواڻ، اياز لنجار، علي اصغر ڪورائي، غلام حسين جويو، محمد ياسين سومرو، مخدوم اظھار، اختر لغاري، وحيد رزاق مستوئي، گل حسن ڪوريجو، غلام حسين سولنگي ۽ ٻين چيو ته ڪامريڊ غلام رسول سھتو سنڌ جو ھڪ بيباڪ آدرشي ۽ ارڏو انسان ھو، سچ پچ ته ڪامريڊ جھڙا سچا ۽ کرا ماڻھو تاريخ ۾ ورلي پيدا ٿيندا آهن.