اسلام آباد (م ڊ) اعتزاز احسن چيو آهي ته نجي ڳالهه ٻول رڪارڊ ڪرڻ ڏوهه آهي. ڪال رڪارڊ ڪرڻ ايڏو وڏو ڏوهه آهي جو سڄي ڪابينا ۽ حڪومت به وڃي سگهي ٿي. اعليٰ عدليه جا جج نامزد ڪري ڪميشن ٺاهڻ حڪومت جو ڪم ناهي.  حڪومت جو ڪم ناهي ڪميشن  ٺاهڻ. چيف جسٽس جي راضپي کان سواءِ حڪومت ڪميشن ڪيئن ٿي ٺاهي سگهي. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهايئندي اعتزاز احسن چيو ته هن ڪميشن جا ٽي اور ڙز چيف جسٽس آف پاڪستان جي چوڌاري گهمن ٿا. ٽي او آرز ۾ فون رڪارڊ ڪرڻ واري بابت ڪجهه به ناهي. هن چيو ته بينظير ڀٽو ڪيس ۾ طئي ٿيو هو ته ٽيليفون ڪال رڪارڊ ڪرڻ ڏوهه هوندو. هن چيو ته اهو پتو لڳائڻ ضروري آهي ته اهي ڪال رڪارڊ ڪير ڪري رهيو آهي.