ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي اختيارين بدلين ۽ مقررين جي جاري ڪيل حڪمن تي 7 ڏينهن اندر عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ان حوالي سان ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي اختيارين پاران بدليون ۽ مقررريون ڪرائيندڙ ملازمن ۽ ڪاليجي استادن کي سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته بدلين ۽ مقررين جا نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جي 7 ڏينهن اندر مقرري  واري هنڌ جوائننگ ڏني وڃي، جوائننگ نه ڏيندڙ ڪاليجي استادن توڙي ٻين ملازمن خلاف سخت ڪاراوائي ڪئي ويندي، ٻئي طرف ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي اختيارين سمورن ڪاليجن جي پرنسپالن کي هدايت ڪئي آهي ته سيڪريٽريٽ اچڻ وقت ڪو پرنسپال گفٽ، ڪيڪ، اجرڪ يا ڪو ٻيو تحفو نه کڻي اچي سرڪيولر ذريعي سمورن پرنسپالن کي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.