ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته سنڌ جي ڪيترن ئي ڪاليجن تي ڪجهه ادارن سميت خانگي ماڻهن جا  قبضا آھن، جن بابت کاتي کان رپورٽ  گھري آھي، اسان  ادارن کي خط لکي قبضا خالي ڪرڻ لاءِ  وقت ڏينداسين، جنهن بعد قبضا خالي ڪرائڻ بابت حڪمت عملي جوڙينداسين،  ڪالهه  آرٽس ڪائونسل ۾ تقريب کي خطاب ڪرڻ بعد پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ھن چيو ته سرڪاري ادارن کان لٺيون کڻي ڪاليجن تان قبضا ختم ڪونه ڪرائينداسين پر انھن کي خط لکنداسين،   باقي برساتن سبب جيڪي امتحاني سينٽر متاثر ٿيا آهن، انھن بابت تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي اجلاس  ۾ فيصلو ڪـنداسين ـ