ڪالام (م ڊ) وادي ڪالام ۾ سياح عورت سان مبينا زيادتي جي ڪوشش، جوابدار گرفتار ٿي ويو، لاهور سان تعلق رکندڙ سياح عورت ۽ سندس مڙس جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 18 ۽ 19 جون جي وچ واري رات چاڪو بردار شخص هوٽل مالڪ جي خواهش تي اسانجي ٽينٽ ۾ داخل ٿيو ۽ زيادتي جي ڪوشش ڪئي، متاثر عورت جي مڙس پوليس کي ٻڌايو ته مزاحمت تي نامعلوم شخص حملو ڪري مونکي زخمي ڪيو، گوڙ ڪرڻ تي ماڻهو جمع ٿي ويا ۽ جوابدار فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس ڪيس داخل ڪري هوٽل مالڪ کي گرفتار ڪري ورتو.