حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سال 2012ع دوران ڀرتي ٿيل سيڪنڊري استادن ڪاغذن جي هلندڙ جاچ پڙتال کي رد ڪندي اڄسنڌ سيڪريٽريٽ ۽ بلاول هائوس آڏو احتجاجي ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي. گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچرالائينس 2012ع جي اپيل تي تعليم کاتي پاران سندن نوڪرين جي هلندڙ جاچ ۽ نوڪرين مان برطرفين جي خدشي خلاف پنجين ڏينهن به حيدرآباد ۾  پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچرز الائينس 2012ع حيدرآباد ڊويزن جي استادن جو هڪ اجلاس چيئرمين اعجاز کوسو جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ عاقل سمون، شهزادي ڀرڳڙي، نجيب ابڙو، غلام رسول خاصخيلي، سائره بلوچ، نورين ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس بعد ميڊيا  سان ڳالهائيندي اعجاز کوسو چيو ته سندن اجلاس کان اڳ تعليم کاتي جي ايڇ آر ڊپارٽمينٽ عدالت پاران طلب ڪرڻ باوجود استادن کي ڪراچي ۾ انڪوائري لاءِ پيش ٿيڻ جو آخري نوٽس جاري ڪيو آهي جنهن کي انهن  رد ڪري ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته اڄڪراچي ۾ تعليم کاتي جي ايڇ آر ڊپارٽمنينٽ جي آفيس سامهون ڌرڻو هنيو ويندو. ان باجود انڪوائريون بند نه ٿيون ته ساڳئي ڏينهن بلاول هائوس ڪراچي سامهون ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته کين 2012 ۾ مقرر ڪيو ويو هو. ڪيترن ئي انڪوائرين بعد سندن پگهارون جاري ڪيون ويون پر ان جي باوجود 10 سالن کنپوء هڪ دفعو ٻيهر مقررين جي ڇنڊ ڇاڻ جي آڙ ۾ کين نوڪرين مان ڪڍي بيروزگار ڪرڻ جا سانباھا ڪيا پيا وڃن جنهن سبب 600 کان وڌيڪ مرد ۽ عورت استاد سخت پريشان آهن. هن مطالبو ڪيو ته 2012 جي مقرر استادن جون انڪوائريون فوري طور بند ڪري استادن ۾ ڦهليل بي چيني ختم ڪئي وڃي.