جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد مقيم خان کوسو روڊ تي لوڊر رڪشا جو ڪار سان ٽڪر ٿي پيو. ڪار سوار اڻڄاتل شخص آپي کان ٻاهر نڪري ويو، لوڊر رڪشا تي ويٺل مريض ۽ عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو،ڇڪتاڻ کان پوءِ وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا، ڪار سوار پاران رڪارڊنگ ڪرڻ تي شهرين کي به پڻ گارگند ڪئي، ويو واقعي کانپوءِ پوليس پهچي ڌرين کي ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار سوار آفتاب ملغاڻي تاجيديرو جو رھواسي آهي جنهن جي ڪار سان رڪشا جو ٽڪر ٿيو ته پوليس بنهي ڄڻن کي ٿاڻي تي وٺي آئي.