ڪار ڊانس وڊيو وائرل ٿيڻ تي 2 ڏينهن ياداشت وسري وئي:نيلم منير

0
867

ڪراچي(شوبز نيوز) خوبصورت اداڪارا نيلم منير چيو آهي ته ڪارڊانس وڊيو وائرل ٿيڻ تي 2 ڏينهن ياداشت وسري وئي هئي. نيلم منير اداڪار احسن خان سان هڪ شو ۾ شريڪ ٿي ان موقعي تي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي نيلم منير چيو ته وڊيو وائرل ٿيڻ بعد 4 هزار واٽس ايپ ميسيج ملڻ تي پريشان ٿي ويس. هن چيو ته مون کي سڄي رات ننڊ نه آئي ۽ ٻئي ڏينهن جڏهن آئون لاهور پهتيس ته منهنجي ذهن تي ايترو ته دٻاءُ هو جو ڪراچي ۾ پنهنجي گهر جو پتو ئي وسري ويو. نيلم منير چيو ته مون کي اندازو نه هو ته منهنجي ان وڊيو تي ايترو شديد قسم جو رد عمل ايندو.