لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ڪيا پيا وڃن. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته جهڙي ريت اسان بنانا ريپبلڪ بڻجي رهيا آهيون، پاڪستان ۾ قانون جي ڪا حڪمراني ناهي ۽ رڳو جهنگ جو قانون آهي. هن چيو ته اسان جي ماڻهن کي اغوا ڪيو ويندو آهي، پوءِ دوکيبازي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي آهي، ضمانت کانپوءِ ٻي ايف آءِ آر ٿي ويندي آهي، منهنجي خلاف 145 ايف آءِ آرز داخل آهن، اهو ايف آءِ آرز جو سرڪس آهي. سندس چوڻ هو ته منهنجي بني گالا جي نگران، زمان پارڪ جي بورچي، سوشل ميڊيا جي اظهر مشواڻي، وقاص ۽ منهنجي سيڪيورٽي انچارج گهمڻ، سڀني کي اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ڪيا پيا وڃن.