اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي چيئرپرسن مهرين ڀٽو جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ 5 مهينن کان پريس ڪلب ٻاهران ڪيمپ لڳائي ويٺل افغاني مهاجرن جي مامري تي سب ڪاميٽي قائم ڪئي وئي جيڪا رپورٽ پيش ڪندي، اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ميمبر ڪشور زهريٰ ڪراچي ۾ ڪارڪنن جي گمشدگي کان پوءِ لاش ملڻ واري مامري تي احتجاج ڪيو ۽ چيو ته اسان جا مجموعي طورتي 105 ڪارڪن لاپتا آهن، 3 ڄڻن جا لاش مليا، اسان جي ڪارڪنن جا لاش اندروني سنڌ مان ملن ٿا، ڪٿي سنڌي مهاجر فساد ته نه پيو ڪرايو وڃي؟ ذميوارن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، محسن داوڙ چيو ته سڄي ملڪ ۾ جبري گمشدگين جو مامرو سنگين آهي، اهو مامرو ختم نه ٿي رهيو آهي، ڪاميٽي چيئرمين مهرين ڀٽو چيو ته انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي مذمت ڪيون ٿا.