ميرواهه گورچاڻي: هن قبيلي جون ڪجه عورتون شادي ٿيڻ کانپوءِ تقريبن چاليھن سالن جي عمر ۾ مٿي تي کاري ۾ چوڙين ۽ سرخي پائوڊر توڙي معصوم ٻارڙن جون ڪجهه شيون سڄو ڏينهن بازار ۾ اسٽاپ توڙي مسافر خاني ۾ ايندڙ ويندڙ عورتن کي شيون وڪرو ڪري گهر هلائڻ ۾ پنهنجي مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل نظر اچن ٿيون.