ڪارو نارو جون تباهڪاريون ۽ بحالي لاءِ تجويزون

0
150

   برطانيا جي دور کان قائم قدرتي آبي ڇوڙ ميرپورماٿيلي جي اولھندي کان گڻگي جي ڪڇ مان ڪارو نارو ڊرين، جيڪا قدرت طرفان پنجاب کان ضلعي گھوٽڪي ۽ ضلعي سکر جي پنوعاقل ۽ روھڙي  تعلقن لاءِ ھڪ وڏي نعمت ۽ قدرت جو ڏنل انمول تحفو آهي جيڪو سرڪار جي مسلسل بي ڌياني جي ڪري ۽ صحيح منصوبابندي نه ھجڻ ڪري علائقي جي خوشحالي بجاءِ تباهي جو سبب بڻجندو رھي ٿو!!! مختلف موقعن تي سرڪار سڳوري ڪاري ناري جا فرضي ٽينڊر ڪرائي خلقت کي اخباري بيانن ۾ خوش ڪيو پر ان منصوبي کي محض ڪاغذن جي زينت بڻايو وڃي ٿو. 2010 ع جي سپر فلڊ جا درد اڃا گھٽيا ئي نه ھئا، زميـنن اڃا تائين 2010ع جي ٻوڏ کي ويساريو ئي نه ھو ته خطي جا محنت ڪش ھاري 2010ع جي ٻوڏ جي صورت ۾ آيل زھريلي ڪاري پاڻي جي ضرب زمينن کي سلٽ ۽ نھري پاڻي سان ساڳي صورت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ۾ ھئا ۽ ڪٿي مٿانهن علائقن ۾ ڪامياب ٿيا ۽ ڪٿي محنتن ۾ مشغول ھئا ته موسميات کاتي وارن خبردار ڪيو ته ھن ڀيري مون سون جون ڀيانڪ موتمار ۽ خطرناڪ برساتون شايد علائقي جي ڪمزوز آبپاشي سسٽم کي پاڻي پاڻي ڪري ڇڏين ۽ ٿيو به ائين!

ضلعي رحيم يار خان کان سنڌ جي بارڊر ڪمون شھيد، اوٻاوڙو، ڏھرڪي، ميرپورماٿيلو ۽ خانڳڙھ کان ڪارو نارو جي ساڄي ڪپر کي ڪٽ ڏئي ڇوڙ ڪرايو ويو. ڪارو نارو جي مشھور ڍنڍ وڏار پڻ ساڄي طرف کان اٿلي پئي ۽ وڏار جي اولھندي ۾ شاهپور وڌڻ مھر روڊ جي ڀر ۾ ڪارو نارو پنهنجي زبوني کي ظاهر ڪندي تمام ڳوٺن، جن ۾ خصوصي طور تي ٻھ يوسيون يوسي ڀيٽور ۽ يوسي قاضي بادل يوسي ڀيٽور جنهن جي سيني تان ڪارو نارو جي گذرگاھ آهي. سندس بي رحم لھرن ۽ اوجن ڳوٺ علي مھر، ابراھيم مھر، پراڻو ابراھيم مھر، بکو ڊکڻ، يوسف مھر، ڏاتو مھر، خدابخش مھر، صدورو مھر، شريف مھر، وڌڻ مھر، آندل مھر، حاجي نور محمد مھر، يوسف مھر (کوھ) کان ٿيـندو حمزو مھر تي پاڻي سنڌو درياهه جي سيلابن جهڙا منظر پيدا ڪيا ۽ ذڪر ڪيل ڳوٺن جي ماروئڙن پنهنجا بسترا گول ڪري مون سون وانگر پنهنجي نيڻن کي وسائيندي ٿر جي طرف ڍڳا ڍور ڪاھي لڏو کڻي پنهنجو عارضي آکاڙو قائم ڪيو!!!

جھڳن جي ڪرڻ ۽ سوين ڍورن جي مرڻ تي سرڪار کي نڪا ڪھل آئي ۽ نه ئي ڪا ذميداري محسوس ڪيائين. مون سون ته پنهنجا رخ تبديل ڪيا ليڪن مڇرن پنهنجي وسان ڪين گھٽايو. جانور انساني جانيون سندن سخت زھريلي لپيٽ ۾ اچي ويون، ڪيترائي ڍور مڇرن جي سخت حملي سبب اجل جو شڪار ٿي ويا. وس وارن کي اپيلون ڪندي ڪندي بيوس ماروئڙا دادرسي نه ٿيڻ ڪري ڀنل ۽ مرجھايل چھرن سان پنهنجي وس آھر پنهنجي مدد پاڻ تحت ھن سڄي عمل کي منهن ڏيندا رھيا ۽ سخت ترين مشڪل صورتحال ۾ به مضبوط ارادن سان مشڪلاتن کي فولادي ھٿن سان ڌڪيندا رھيا. مستقـبل جي مشڪل حالتن مان جند آجي ڪرائڻ لاءِ حڪومت وقت ۽ واسطيدار اختيارين کي ڪجهه تجويزون پيش ڪجن ٿيون.ڪارو نارو قدرتي نيڪال سسٽم کي ساڳي جڳهه تي بحال ڪري آيل آڏو رڪاوٽون ختم ڪرائي ننڍا ننڍا ضروري ڇوڙ ڪاري ناري ۾ ڪرايا وڃن. ڪاري ناري جي منصوبي کي وفاقي سرڪار طرفان سي پيڪ ۾ شامل ڪرائي ڪاري ناري جي ھيڊ کان ٽيل تائين شامل سڀني ڳوٺاڻن کي مشاورت ۾ شامل ڪري ڪاري ناري کي بھترين نڪاسي آب جو ماڊل بڻائي علائقي جي خوشحالي ۽ ترقي جو اھڃاڻ بڻايو وڃي.

ٿيل سموري نقصان جو سرڪار معاوضو ادا ڪري. ايندڙ پنجن سالن تائين ڍل آبيانا ۽ زرعي قرض معاف ڪري، سرڪار پنهنجي طرفان ٻج ڀاڻ ۽ دوائون ڏئي. زميندارن ۽ ھارين جي ٿيل نقصان، ختم قوت برداشت ۽ توازن کي پھتل ٺيس جو ازالو ڪرايو وڃي!!!