ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي خلاف ننگرپارڪر ۾ ريلي ۽ ڌرڻو

0
499
ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي

ننگرپارڪر: ٿر جي سونهن ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي خلاف سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين ننگرپارڪر ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو

ڪارونجھر سجاڳ فورم، عوامي تحريڪ ۽ شهرين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ، جڏهن ته سنڌ سرڪار ۽ ٻين خلاف نعريبازي پڻ ڪئي وئي

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڪٽائي بند ڪري ڪارونجھر جبل کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏنو وڃي، جڏهن ته ٺيڪيدارن ۽ پٿر سپلائي ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

ھي به پڙھندا

ڪارونجھر معاملي ۾ عوام جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويندو: وڏو وزير