ڪارونجهر سنڌ جي سونهن ۽ مزاحمت جو اهڃاڻ

0
154
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ جي سونهن ۽ مزاحمت جو اوچو ڳاٽ سمجهيو ويندڙ ڪارونجهر هڪ ڀيرو ٻيهر بحث هيٺ آهي.اهو ڪارونجهر جيڪو مزاحمت،جدوجهد جي  علامت ڪري پيش ڪيو ويندو آهي ته سونهن جي استعاري طور به استعمال ڪيو ويندو آهي.اهو ڪارونجهر جيڪو مورن جي ٽهوڪن جي به سڃاڻپ آهي.پر اڄ ان جو ذڪر  مٿين حوالن بدران فڪرمندي ۽ پريشاني جي عالم ۾ ٿي رهيو آهي ان جو ذڪر ڳڻتي ۽اداسي سان ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته ڪي مت جا موڙهيا،ڪي پئسن جا پوڄاري،ڪي لوڀي،پنهنجي انهي ورثي کي ڪجهه موڙي عيوض وڍي ٽڪي رهيا آهن.ڪي بيوسي مان اهوسڀ ڪجهه ڏسي رهيا آهن ته ڪي وري مور وانگر رڙي رهيا آهن پر نه حڪومت،نه قانون ۽ نه ئي انتظاميا کي ڪارونجهر جي ڪٽائي جو ڪاروبار روڪرائڻ ۾ڪا دلچسپي آهي نه ئي ڪا عوامي مزاحمت جي پرواهه، بلڪه هو ته سڌي طرح ڄڻ ته ڪارونجهر جو ڳاٽ ڪوريندڙن جا ساٿاري ٿي بيٺا آهن.ڇاڪاڻ ته کين ان ۾ ٻن پئسن جو فائدو پهچي رهيو آهي پر هو اهو نه ٿا سوچين ته ان ٻن پئسن جي فائدي سبب اهي پنهنجي تاريخ تهذيب سان ڄڻ ته هٿ چراند ڪري رهيا آهن.

ڪجهه وقت کان اهي ڳالهيون گردش ڪري رهيون هيون ته ڪارونجهر جبل ۾ ڪٽائي جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، پوءِ اهي خبرون آيون ته اتان پٿر کڻڻ جي ليز ڪن بااثر ۽ طاقتور ڌرين کي ڏني وئي آهي جنهن تي مقامي سطح کان وٺي سڄي صوبي ۾ احتجاج به ٿيا ته سوشل ميڊيا تي انهي خلاف آواز به اٿاريا ويا. جڏهن ته ڪي ڌريون انهي عمل خلاف عدالت ۾ به ويون جنهن تي انهي ڪٽائي خلاف اسٽي آرڊر به جاري ٿيو پر ان هوندي به اهو خبرون اينديون رهيون ته بااثر ٺيڪيدار رات جي پيٽ ۾ اتان پٿرن جا ٽرالر ڀري ڀري ڪڍي رهيا آهن.چيو پيو وڃي ته ڪارونجهر جو قيمتي پٿر هڪ ته وڪري لاءِ اتان ڪڍيو پيو وڃي ٻيو وري ٿر ۾ مقامي سطح تي ٺهندڙ ننڍن ننڍن ڊيمن ۾ استعمال لاءِ ٺيڪيدار ڪارونجهر ويجهو هئڻ ڪري اتان پٿر ڪڍي رهيا آهن. ڪنهن ديوار جي پاڙ کوٽبي ته اھا به ڪري پوندي، هي ته هيڏو سارو جبل آھي ان جي پاڙ کوٽي انڊر گرائونڊ مائيننگ ڪبي ته اها ته خودڪشي چئبي ان کانسواءِ سائنس چوي ٿي ته جبل زلزلن کي روڪين ٿا ۽ جي انهن جبلن جون پاڙون کوٽبيون ته معنيٰ زلزلن کي هٿ سان دعوت ڏبي، ننگرپارڪر ۽ گجرات زلزلي جي زون ۾ آھن.

انهي عمل سان نه رڳو جبل متاثر ٿي رهيو آهي پر اتي موجود پکي پکڻ،جيت جڻيا ۽ جهنگلي جيوت متاثر ٿي رهي آهي ڇاڪاڻ ته اهو رڳو جبل نه پر حياتي جو ڄڻ فلسفو آهي جتي هر ساهه وارو پناهه وٺي ويٺو آهي ۽ انهي کي جياپو ملي ٿو.ڪارونجهر ڪو عام جبل ناهي جنهن جي ڪٽائي تي ايئن خاموش ٿي ويهجي ڪارونجهر اهو جبل آهي جنهن سان مزاحمت جي هڪ تاريخ جڙيل آهي.مهذب قومون پنهنجي تايخي ورثن کي پنهنجي ايندڙ نسلن تائين محفوظ نموني منتقل ڪرڻ لاءِ سڀ وسيلا  خرچ ڪنديون آهن پر هتي قصو ابتڙ آهي ته انهن تاريخي ورثن کي ڪمائي جو ذريعو سمجهي ڪجهه مت جا موڙهيا وڪڻي رهيا آهن ته ڪي وري ان جا پٿر ڪڍي پنهنجي گهر جي ديوارن ۽ ڊيمن تي لڳائي رهيا آهن.انهي سڄي عمل خلاف سوشل ميڊيا هڪ اهم مورچو ٿي سامهون آيو آهي جتان ان تاريخ تهذيب ۽ ثقافت دشمن عمل خلاف مزاحمت ٿي رهي آهي.جڏهن ته حڪومت وري وچٿري وضاحت ڏيندي رهي ٿي نه صفا ان عمل خلاف ڳالهائي ٿي نه ئي وري سڌي نموني مڃي ٿي ته انهن ڪو ڪارونجهر مان پٿر ڪڍڻ جي ليز ڪنهن ٺيڪيدار ڪنهن ڪمپني حوالي ڪئي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته ڪارونجهر جي ڪٽائي سنڌ جي سونهن تهذيب ،ثقافت ۽ تاريخي ورثي جي ڪٽائي آهي جنهن کي ڪنهن به ريت قبول نه ٿو ڪري سگهجي تنهن ڪري ان عمل کي روڪڻ لاءِ وس وارا اڳيان اچن.ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف احتجاج تي هڪ ڪميٽي  جوڙي وئي هئي تنهن به اڃا تائين ڪا رپورٽ نه ڏني آهي.تنهن ڪري حڪومت انهي ڪٽائي کي روڪي  ڪارونجهر کي ورلڊ هيريٽيج جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪري ته جيئن سنڌ جي سونهن بڻيل هن تاريخي جبل سان اڳتي ڪنهن کي به هٿ چراند ڪرڻ جي جرئت نه ٿي سگهي.