راچي: سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ مختلف دلچسپ مرحلا به آيا* عارف مصطفيٰ  جي تقرير دوران سرڪاري ڌر نعريبازي ۽ گوڙ شروع ڪيو، جنهن تي عارف کين چيو ته اوهان ڪهڙو ماحول پيدا پيا ڪريو؟  هي اسيمبلي آهي، ايوان جو احترام ڪرايو * پ پ ايم پي اي  قاسم سراج سومرو  چيو ته ڪالھه ٽويٽر  تي سيو ڪارونجهر ( ڪارونجهر  بچايو ) جو ٽرينڊ هليو، هن چيو ته حڪومت ڪنهن کي  گرينائيٽ جي اجازت ناهي ڏني، افواهه سازي جو مقصد مڪاني اليڪشن مهم آهي* ايوان ۾ ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ صفائي جي ناقص نظام جو به ذڪر ڪيو ويو* پي ٽي آءِ جي رابستان خان پنهنجي پارٽي جي ايم پي اي شبير قريشي جي گرفتاری جي مذمت ڪئي، جنهن تي اسپيڪر سندس مائيڪ بند ڪرائي ڇڏيو. ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر حسين شاھ جواب ڏيندي چيو ته شبير قريشي معاملي جو وڏي وزير نوٽيس ورتو آهي، جاچ  رپورٽ   جلد اچي ويندي.