ڪارونجهر جي ڪٽائي جو نئون حُربو ۽ جواب!

0
162
ڪارونجهر جي ڪٽائي جو نئون حُربو ۽ جواب!

شام ٽاڻي ٿر ۾ انٽرنيٽ تي خبرچار وٺڻ جي لاءِ ڪنهن ڀٽ تي چڙهڻو پوندو آهي. پنهنجي دوست سان گڏ وڃي هڪڙي واري جي دڙي تي ويٺاسين، اوچتو اسڪرين تي هڪڙي پوسٽ آئي، وزير جيڪو ڪارونجهر واري علائقي مان وڏا خرچ ڪري اسيمبلي ۾ پهتوآهي، تنهن وڏي اعتماد سان پئي چيو ته ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف مهم سڄي ڪوڙي آهي، اسان جا سياسي مخالف پيا ڪن يا وري ايئن پئي چيائين ته ڪارونجهر جو پٿر جيڪو زمين جي هيٺان ڍڪيل آهي انهي جي ڪٽائي ڪئي ويندي وغيره. مون کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي، ته اصل همراهن کي ڪرڻو ڇا آهي؟!

 هڪڙي ڳالهه ته واضح آهي ته ڪارونجهر جي پٿر جي چوري ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ جاري آهي، انهي ڪاري ڪاروبار جون مختلف لائيو، وڊيوز، تصويرون جيڪي وائرل ٿيون آهن، سي سڀ انٽرنيٽ تي انتهائي ذميوار ادارن جي چئنلن ۽ ماڻهن جي  اڪائونٽس تي هن وقت به موجود آهن! مقامي ماڻهن جا انٽرويوز به موجود آهن، جيڪي ڇڪڙا هتان پٿر کڻن پيا انهن جون وڊيوز نيوز چئنلس تي موجود آهن. ڪير به ماڻهو ننگرپارڪر شهر ۽ پسگردائي ۾ وڃي انهي ڪارستاني کي آساني سان ڏسي ۽ رڪارڊ ڪري سگهي ٿو! تنهن ڪري اهو چوڻ ته جبل جو پٿر نه پيو کنيو وڃي سو انتهائي غيرذميواراڻو ۽ غيرمعقول ۽ غيرمناسب ٿيندو! ها اها ڳالهه ٺيڪ آهي ته پٿر جيڪي اڳ ۾ وڏي سائيز وارا کنيا پئي ويا سي هاڻي وري ننڍي سائيز جا کنيا وڃن پيا! تنهن کانپوءِ تڪ جي وزير چيو ته سياسي مخالف آهن جيڪي هروڀرو گوڙ ڪن پيا. انهي علائقي ۾ وڃي سرگرمي ڪندي اها ڳالهه ڏٺي آهي ته ڪارونجهر بچائڻ لاءِ سرگرم دوستن ۾ ته پ پ پ جا اڳواڻ به آهن جيڪي چوڪن تي بيهي وڏي واڪي چون پيا ته اسان ووٽ پ پ  کي ڏنو آهي پر ڪارونجهر جي ڪٽائي اسين ڪڏهن به نه ڪرڻ ڏينداسين،

پوءِ بقول اوهان جي، ڇا اوهان جا پنهنجا سرگرم ڪارڪن اوهان جي سياسي مخالفن جي شوشي جو حصو بڻجي ويا آهن؟ ياد رهي اوهان جا چونڊيل نمائندا ۽ انتهائي اهم عهدن تي فائز  ماڻهو ننگر جي کُليل ڪچهري ۾ ماڻهن جي مدلل ۽ بهترين پُرمغز بحث کانپوءِ مطالبي  تي اهي  قسما قسمي اعلان ڪري آيا ته ڪارونجهر جي ڪٽائي جي اسين سڀ خلاف آهيون ۽ انهن پڻ اهو اعلان ڪيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪڏهن به ڪرڻ نه ڏينداسين! وزير موصوف ٻڌائڻ جي تڪليف ڪندو ته سوين اسٽيڪ هولڊرس جي سامهون واعدا ڪري آيا آهن سي اڳواڻ پارٽي پاليسين جي نمائندگي ڪن ٿا يا اوهان جي اها تقرير؟ ڇا اوهان پنهنجي مينڊيٽ وٺڻ وقت پنهنجي منشور ۾ اهو ٻڌايو هو ته اسين چوندجي اچڻ کانپوءِ پنهنجي تڪ جي ماڻهن جا ويڙها وڪڻي ڇڏيندسين؟! هزارين سال پراڻي تاريخ رکندڙ سنڌ جو قومي، ثقافتي، تهذيبي، سياحتي ورثو وڪڻي ڇڏينداسين؟ 5 لک ووٽرن جي جياپي جو واحد ذريعو ڪارونجهر ڪوري کڻنداسين؟ وائيلڊ لائيف سينڪچري ۾ موجود هزارين ناياب جانورن ۽ ٻوٽن جي حياتي تباهه ڪنداسين، سوين نديون ۽ چشما جيڪي انساني جسم جي رڳن وانگر جبل مان وهي اچي سڄي آبادي کي پالين ٿا انهن کي بگاڙي قدرتي آبپاشي جو نظام کسينداسين؟ جي اوهان مينڊيٽ ڏيندڙ عوام کي ڪنهن هڪ به گڏجاڻي ۾ اهو چيو هجي ته رڪارڊ تي آڻيو.! جيڪڏهن ايئن ناهي ته پوءِ انهن هزارين ووٽرن جي مينڊيٽ جي اهڙي نمائندگي انهي اسيمبلي ۾ ڪيئن ٿا ڪري سگهو جنهن جي نتيجي ۾ انهن ووٽرن جو جيئڻ جنجال ٿي وڃي، انهن جون ٻنيون ويران ٿي وڃن، انهن جا پاڪ آستان وڪرو ٿي وڃن،

انهن جي مال جي لاءِ چارو ڏيندڙ وڻ سڀ تباهه ٿي وڃن، پاڻي پياريندڙ نديون سڪي وڃن؟ هن وقت جڏهن اوهان مختلف ماضي ۾ ڪيل سمورن واعدن کان ڪنٽار ڪندي، سڀني معاهدن کان منهن موڙيندي، پنهنجي سرمائيداراڻن مفادن کي سامهون رکندي نين شڪلن ۾ ڳالهين کي گهمائي ڦيرائي، سنڌ جي نراڙ جي سونهري جهومڪ ڪارونجهر جا آنڊا پٽي رهيا آهيو تڏهن اوهان کان اوهان جو سڻڀ کائيندڙ لکاري ۽ اوهان جا هر حال ۾ ڳُڻ ڳائيندڙ اوهان واري  سرمائي جي انڌي وهڪري مان هٿ ڌوئندڙ ڪاروباري اديبڙا ۽ مراعات يافته راقم ته ڪونه پڇندا پر باشعور نوجوان جن کي سنڌ جي مقدر جي مغز ۾ لڳل نما جاگيرداري نظام بار بار چچريو آهي پر سندن ذهنن ۾ ڀٽ ڌڻي ۽ ڪوٽ لکپت جي فاتح جي فڪر جي ڦُڙي پڳل آهي سي سوال ڪرڻ ۽ اوهان سڀني کي جوابده ڪرڻ جي پنهجي روايت سان نڀاءُ ڪندي پڇڻ جو حق رکن ٿا ته  اوهان کي سڄي سنڌ جي لکين ماڻهن جو مدلل آواز، سنڌ جي شعور جو تاريخي احتجاج شوشو ڇو ٿو لڳي؟ موهن جي دڙي کان پوءِ اسان جي انتهائي اهم تهذيب جي ماڊل جبل جي حسن کي بگاڙڻ جو اوهان کي ڪيترو ناڻو ملڻو آهي؟ اسين سڄي سنڌ مان ڦڙي ڦڙي ڪري اوهان کي ڏيون جيڪڏهن انهي هزارين سال پراڻن مندرن، 108 پاڪ آستانن، هن خطي جي سڀ کان پراڻي مسجد، جين مت جي سڀ کان پراڻن مندرن (ياد رکو هن مذهب جا پراڻا مندر دنيا ۾ تمام گهٽ وڃي رهيا آهن) سڄي سنڌ جي لکين ماڻهن جي وسڪاري جي موسم سياحت جي هن سڄي خطي ۾ انتهائي خوبصورت ۽ منفرد ماڳ جي ٽڪرين جو وجود بچي پوي!

  ٻي نئين ڳالهه جيڪا هڪڙي قسم جي سياسي گوهي آهي، اها هي ته “ڪارونجهر جي زير زمين حصي جي ڪٽائي ڪنداسين!” سڀ کان پهرين اوهان جي ماضي ۾ سنڌ جي زمينن ۽ ٻين وسيلن جي وڪڻڻ وارن ڪيل فيصلن کي ڏسندي اسين اهي سموريون سياسي گوهيون، ٽال مٽول سمجهي چڪا آهيون. سڄي سنڌ جي شعور بار بار آئيني طور، اخلاقي طور، سائنسي نظرين جي ڪسوٽين تي پورو لهندي، تحقيق جي بنيادن تي ٻڌل دليلن سان ڪارونجهر جي ڪٽائي رد ڪئي آهي. وري به  پڙهندڙن ۽ اوهان چونڊيل نمائندن جي ڄاڻ ۾ اضافعي لاءِ ورجاءُ ڪجي ٿو ته، زير زمين جبل جي کوٽائي سان زمين جو توازن بگڙجندو، زميني مٿاڇري جي توازن جا ذميوار اِهي جبل هوندا آهن جيڪي لکين سالن دوران ايندڙ هزارين زميني تبديلين کان پوءِ به پنهنجي ذميواري مادي جي فطري اصولن تحت نڀائيندا اچن. انهن جي فطري بيهڪ جي ڇيڙ ڇاڙ ڪبي ته ظاهر آهي نقصان ٿيندو.

انهي ڪٽائي سان جتي به لاوو Magma  ايڪٽو هوندو اتي جبل ڦاٽي سگهي ٿو. توهان کي ياد هوندو جڏهن 2001 ع وارو زلزلو آيو هو تڏهن هن جابلو قطار کان پرئين يعني ڏاکڻي پاسي ڀارت ۾ وڏو نقصان ٿيو هو پر ٿر واري پاسي ايڏو نقصان ڪونه ٿيو هو انهي جو سبب ڪارونجهر جي مٿاڇري واري توڙي زيرزمين  بيهڪ رهي آهي! انهي انتهائي مضبوط پٿر کي ٽوڙي هن سڄي خطي کي هڪ وڏي تباهي ڏانهن ڌڪي رهيا آهيو، اسان جي بار بار نشاندهي کانپوءِ جي اوهان ڪٽائي جاري رکي ۽ ڪا به تباهي آئي ته انهي جا ذميوار اوهين آهيو. زيرِزمين ڪٽائي سان جيڪي ڌماڪا ٿيندا انهن جي آواز سان اتي رهندڙ جاندارن جي حياتي ڊسٽرب ٿي ويندي! انڊرگرائونڊ ڪٽائي سان مٿاڇري تي موجود زرخيز زمين تباهه ٿي ويندي. زير زمين جبل ڪٽڻ سان کڏا کوٻا ٿيڻ سان پاڻي جيڪو قدرتي وهڪرن ذريعي وڌيڪ ماڻهن تائين پڄي ٿو سو پُڄي ڪونه سگهندو ۽ زير زمين پاڻي به ڊسٽرب ٿيندو. جبل جي ڪٽائي سان پٿرن ۾ ڏار پوڻ سان پيئڻ جو پاڻي وڃائجي ويندو!

انهن سڀني کان الڳ هڪ ٽيڪنيڪل ڳالهه اها آهي، ته جن ڊيمن ۾ توهان اهو گرينائيٽ لڳائي رهيا آهيو انهي جي لاءِ اهو پٿر موزون ئي ناهي. انهي پٿر جي ٽڪرن وچان پاڻي وهي ويندو، ڊيمن ۾ پاڻي ئي نه بيهندو ۽ اوهين اربين رپيه هروڀرو ضايع ڪندا. هتي اوهان کي لائيم اسٽون لڳائڻ کپي، اوهان جي فزيبلٽي واري معاهدي ۾ به لکيل آهي ته پٿر ڪهڙو لڳائبو پر “معاهدن جا پنا ڦاڙڻ ۽ پنهنجي ناڙڻ” جهڙي ڪُڌي رسم سان سنڌ جي حڪمرانن  کان وڌيڪ ٻيو ڪير نڀائي سگهندو؟

 انهن سمورين ڳالهين کي مدنظر رکندي اهو چوڻ لازم سمجهون ٿا ته ڪارونجهر جي مٿانهين توڙي زيرِزمين ڪٽائي ڪڏهن به قبول ناهي! دنيا ۾ ڌرتي تي نمودار ٿيل سڀ کان پراڻي انڊين شيلڊ جي جابلو قطار کي بگاڙڻ جو توهان عالمي سطح جو ڏوهه ڪري رهيا آهيو، انهي ڳالهه جو عالمي ادارا اڄ نه ته سڀاڻي، سڀاڻي نه ته پرينهن نوٽيس وٺندا ۽  ڌڻائپ ڪندا تڏهن انهي عمل ڪا هتي جا حڪمران ذميوار هوندا! هر حال ۾ ڪٽائي جي ڪري نقصان لڳ ڀڳ ساڳيو ئي ٿيئڻو آهي! انهي ساڳي جبل کي سنواري، انهي کي عالمي سطح جو سياحتي ۽ ثقافتي ماڳ طور اجاگر ڪري اوهان تمام وڏو ناڻو ڪمائي سگهو ٿا، انهي سان پنهنجي ناڻي ڪمائڻ واري رٿا جو شوق پورو ڪريو، باقي سنڌ جو هر غيرتمند ماڻهو اوهان جي انهي رٿا کي رد ڪري ٿو!