ڪارن لاءِ ماڊلنگ ڪندڙ ٻلي اميرترين بڻجي وئي

0
317

بيجنگ(دلچسپ نيوز) ڪارن لاءِ ماڊلنگ ڪندڙ ٻلي اميرترين بڻجي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چين ۾ 2 ورهين جي ٻلي مائو مائوڪارن لاءِ ماڊلنگ ڪري ٿي. مائو مائو کي ڪار جي ماڊلنگ لاءِ 800 ڊالر معاوضو ملي ٿو، ٻلي مهانگو کاڌو کائي ٿي، سندس علاج لاءِ بهترين ڊاڪٽر به مقرر ٿيل آهن جڏهن ته مائو مائو کي هرفيشن جا ڪپڙا پارايا وڃن ٿا، چشما پائڻ جي پڻ شوقين آهي. ٻلي جو مالڪ چونگجنگ واسي زينگ آٽو صنعت سان لاڳاپيل آهي سندس چوڻ آهي ته مون کي اوچتو مائو مائو کي ڪارتي ويهاري ڪرائڻ ماڊلنگ جو خيال آيو ۽ پوءِ ماڊلنگ شروع ڪرائي ته وڏين وڏين پارٽين رابطا ڪري ورتا. زينگ ٻڌايو ته ٻلي کي هاڻي ڪمپنين وارا خاص براڊ مائو مائو طور سڏائين ٿا.