ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) مهانگائي ماري ڇڏيو: فيبروري ۾ ڪارن، وينن ۽ پڪ اپس جي وڪري ۾ 73 سيڪڙو لاٿ اچي وئي،  رڳو 5762 گاڏين مس وڪرو ٿيون واضح رهي ته مئي 2020ع  ۾ اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ ڪري رڳو 4500 يونٽ وڪرو ٿيا هئا، هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 8 مهينن ۾ گاڏين جي وڪري ۾ 44 سيڪڙو رڪارڊ لاٿ ٿي، گذريل سال جي هڪ لک 78 هزارگاڏين جي ڀيٽ ۾ هيل هڪ لک 57  گاڏيون وڪرو ٿيون، جائزي دوران معلوم ٿيو ته پاڪ سوزوڪي ڪمپني وڌيڪ متاثر ٿي، جنهن جون فيبروري ۾ رڳو  978  ۽ جنوري ۾ 2945 گاڏيون وڪرو ٿيون.