ڪارساز سانحي کي 15 سال گذري ويا، غم اڄ به تازه

0
217

ڪارساز سانحي کي 15 سال

ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو 15 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي 8 سالن جي جلاوطني کانپوءِ وطن واپس آئي ته ڪراچي ۾ عوامي سمنڊ سندس شاندار استقبال ڪيو

استقبالي جلوس جڏهن ته ڪارساز وٽ پهتو ته بم ڌماڪا ٿيا جنهن ۾ 177 ماڻهو شهيد۽ 600 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، پيپلز پارٽي طرفان اڄ ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ قرآن خواني ڪرائي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي

پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن ۽ اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو ڪيترن ئي سالن جي جلاوطني کان پوءِ 18 آڪٽوبر 2007ع تي ڪراچي ايئرپورٽ پهتي ته عوام جي وڏي سمنڊ سندس آجيان ڪئي هئي

سڄي ملڪ مان پيپلز پارٽي جا ميمبرز پنهنجي قائد جي استقبال ۽ هڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ ڪراچي پهتا، جهاز مان نڪرندي ئي بينظير ڀٽو پنهنجي پيارن جو ميڙ ڏسي جذبات تي قابو نه رکي سگهي

پيپلز پارٽي جي خصوصي سڪيورٽي جان نثاران جي حصار ۾ بينظير ڀٽو جو استقباليه جلوس ڪجهه ئي ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪرڻ بعد شاهراهه فيصل تي ڪارساز وٽ پهتو ته بينظير ڀٽو جي بلٽ پروف ٽرڪ ويجهو ٻه ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ هو پاڻ ته محفوظ رهي پر ڪارڪنن سميت 177 ڄڻا شهيد ٿي ويا جڏهن ته 600 کان وڌيڪ مانهو زخمي ٿيا

14 years on, no headway in Karsaz blasts probe - Pakistan - DAWN.COM

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري طرفان ڪارساز سانحي جَي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو ۽ اُن جي هزارين جيالن جَي رت سان جمهوريت قائم آهي

جاري ڪيل بيان ۾ آصف زرداري چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي قائد جو مشن 1973 جَي آئين جي بحالي جِي صورت ۾ پورو ڪيو، ڪجهه به ٿِي وڃي پيپلز پارٽي جمهوريت کي نقصان پهچڻ نه ڏيندي، 18هين ترميم ملڪ جي سالميت ۽ بقا جي ضامن آهيپيٽرول اگهن ۾ واڌ تي ڳڻتي

جڏهن ته ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻن، صوبائي وزير سعيد غني، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين ڪارساز سانحَي جَي شهيدن جي قبرن تي حاضري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي

شرجيل ميمڻ چيو آهي ته  18 آڪٽوبر پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت لاءِ اُميد جو ڏينهن هو پر ملڪ ۽ جمهوريت دشمنن کي هضم نه ٿيو

صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪارساز سانحي جو واقعو دنيا ۾ سياسي ڪارڪنن تي ٿيندڙ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو واقعو هو، پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ جيالن جمهوريت لاءِ رت جون قربانيون ڏنيون جيڪي ضايع نه ٿينديونبلال غفار ملير ۾ پيپلزپارٽي

پيپلزپارٽي جي حڪومت طرفان سانحي ۾ مارجي ويلن جي وارثن کي سرڪاري نوڪريون ۽ مفت رهائشي فليٽس پڻ ڏنا ويا پر واقعي جون 2 ايف آءِ آرز داخل ٿيڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا