ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي توانائي واري کاتي سنڌ ڪابينا جي منظوري کانسواءِ ٿر ڪول واري ايريا ۾ روڊن جي تعميرات ۽ مرمت سميت ريسڪيو سينٽر جي قيام لاءِ مقرر ڪيل سيس جي شرح 10 رپيا في ٽن مان وڌائڻ، ڪوئلي جي وڪري جي قيمت جو 2 سيڪڙو سيس ۽ ايڪسائيز ڊيوٽي جي نالي تي وصول ڪرڻ لاءِ ڊي جي سنڌ ڪول کي خط لکي ڇڏيو. پنهنجي اخبار کي مليل دستاويزي ثبوتن موجب سنڌ جي توانائي واري کاتي جي سيڪريٽري ابوبڪر احمد پاران 26 جنوري 2023ع تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي اماڻڻ لاءِ ھڪ سمري تيار ڪري سفارش ڪئي وئي تھ ڪول ڊولپمينٽ سيس وڌايو وڃي، سنڌ فنانس ترميمي ايڪٽ 2015ع مطابق ڪول ڊولپمينٽ سيس في ٽن ڪوئلي تي 10 رپيا مقرر ٿيل آھي ان کي وڌائي في ٽن ڪوئلي جي وڪري واري قيمت جو 2 سيڪڙو ٽيڪس مقرر ڪيو وڃي، ان سمري تي توانائي جي وزير امتياز احمد شيخ 31 جنوري 2023ع تي منظوري ڏيندي آرڊر جاري ڪيو آھي تھ ڪول ڊولپمينٽ سيس جي مد ۾ في ٽن ڪوئلي تي 2 سيڪڙو وصول ڪيو وڃي. 13 فيبروري  تي ڊائريڪٽر جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف ڪول مائنز ڊولپمينٽ سنڌ کي ھڪ ليٽر نمبر No.TO/ED( (ڪول) /4-51/0217 لکي چيو آھي تھ توانائي کاتي جي وزير جي ھدايت آھي تھ سنڌ اينگرو ڪول مائنز ڪمپني کي ھدايت ڪريو تھ ڪوئلي جي وڪري جي قيمت مان 2 سيڪڙو رقم انفراسٽرڪچر سيس جي مد ۾ ادا ڪئي وڃي. ليٽر سان گڏ ڊي جي ڪول کي توانائي واري وزير امتياز شيخ جي آرڊر جي ھڪ ڪاپي بھ اماڻي وئي آھي. ذريعن موجب سنڌ فنانس ايڪٽ 1993ع ۾ ڪول ڊولپمينٽ سيس في ٽرڪ جي هر چڪر تي 20 رپيا مقرر ڪيل هو،  ان کان پوءِ سنڌ فنانس ترميمي ايڪٽ 2015 ۾ في ٽن ڪوئلي تي 10 رپيا ڪول ڊولپمينٽ سيس مقرر ڪيو ويو ھو. قانون موجب ڪول ڊولپمينٽ سيس ۾ واڌ لاءِ سنڌ فنانس ايڪٽ ۾ ترميم لازمي آھي، ان لاءِ توانائي واري وزارت سنڌ جي وڏي وزير کي سمري منظوري لاءِ اماڻيندي، جتان منظوري بعد ان تي سنڌ ڪابينا غور ڪندي ان بعد اسيمبلي ۾ ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏيندي تھ پوءِ ڪول ڊولپمينٽ سيس ۾ ڦيرڦار ٿي سگھي ٿي، قاعدن ۽ ضابطن موجب توانائي واري وزير امتياز شيخ کي ڪول سيس ٽيڪس وڌائڻ جو اختيار ئي ناھي ان باوجود وزير ڪول ڊولپمينٽ سيس ۾ تاريخي واڌ ڪري ڇڏي آھي. رابطو ڪرڻ تي توانائي کاتي جي وقتي سيڪريٽري خادم چنا ٻڌايو ته کيس ان معاملي جي ڄاڻ ناهي، آفيس مان پڇا ڪري ٻڌائي سگهي ٿو.