اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي ڪابينا گورنر پنجاب کي هٽائڻ جي منظوري ڏيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران وزيراعظم جي سمري کي رد ڪرڻ کي آئين خلاف قدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وفاقي ڪابينا صدر جي ڪردار تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي آئين کان مٿانهون به قرار ڏنو آهي. تفصيل موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس  وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا وزيراعظم شهباز شريف پاران گورنر پنجاب کي هٽائڻ جي موڪليل سمري کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران رد ڪرڻ کي آئين کان مٿانهون قدم قرار ڏنو آهي ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گورنر جي مقرري واري مامري تي آئين سان مذاق ڪيو ويو، ملڪ کي انتشار طرف ڌڪڻ لاءِ آئيني عهدن جو استعمال ڪيو ويو، ملڪ سياسي افراتفري جو متحمل نه ٿو ٿي سگهي. وفاقي ڪابينا صدر پاران گورنر پنجاب کي هٽائڻ واري وزيراعظم جي سفارش کي رد ڪرڻ واري صدر عارف علوي جي فيصلي کي رد ڪندي گورنر پنجاب کي هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته عمران نيازي مسلسل آئين ٽوڙي رهيو آهي، آئين ٽوڙڻ سان گڏ غنڊاگردي جو سلسلو به جاري آهي، 3 اپريل کان آئين ٽوڙڻ جو عمل شروع ٿيو، جيڪو اڄ تائين پنجاب ۾ جاري آهي. آئيني عهدن جي اختيارن جو ناجائز استعمال آئين پاڪستان تي حملو آهي. آئين شڪني کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي.  حنيف عباسي جي مقرري بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي نوٽيس جو جواب جمع ڪرايو ويندو، وزيراعظم شهباز شريف جلد قوم کي خطاب ڪري سمورين حقيقتن ۽ حڪومتي قدمن بابت قوم کي آگاهه ڪندو. صدر پاڪستان کي سندس پسند ۽ نا پسند جي باري ۾ ڪابه استثنيٰ حاصل نه آهي، هي آئين جي عملداري جو معاملو آهي، پارٽين وچ ۾ فٽبال ميچ ناهي، ڪابينا سموري معاملي کي سنجيدگي سان ورتو آهي. قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ گورنر پنجاب جي طرز عمل تي تفصيلي غور ڪيو ويو، ڪابينا وزيراعظم جي گورنر پنجاب کي برطرف ڪرڻ جي فيصلي جي منظوري ڏني آهي، صدر پاڪستان ۽ گورنر پنجاب پاران ڪجهه هفتن کان ٿيندڙ آئين ٽوڙڻ وارن قدمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، آئيني عهديدار 7 هفتن کان آئين سان راند ڪري رهيا آهن، فيصلو ڪيو ويو ته ان مامري تي قومي اسيمبلي ۾ بحث ڪرايو ويندو ۽ قرارداد به پيش ڪئي ويندي. صدر آئيني اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، آئين ٽوڙيو آهي، ان حوالي سان جاچ ڪرڻ ۽ ايندڙ وقت لاءِ حڪمت عملي بابت مشاورت به جاري آهي. هن چيو ته هي جمهوري ملڪ آهي ڪنهن کي آئيني حدون اورانگهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اختيارن جو هڪ طرف جهڪاءُ ڪنهن به ريت قبول نه ڪيو ويندو، رياستي معاملن جا فيصلا عوام جا چونڊيل نمائندا ڪندا.