اسلام آباد (م ڊ) وفاقي ڪابينا پنجاب ۽ ڪي پي ۾ عام چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رپيا فراهم ڪرڻ بابت ناڻي وزارت جي سمري پارليامينٽ کي موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪابينا جي اجلاس ۾ سوات ۾ سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ ڌماڪي ۽ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا سيڙپڪاري بورڊ جي سفارش تي انويسٽ پاڪستان لاءِ قانون سازي ڪرڻ جي منظوري ڏني.  ان قانون ذريعي سيڙپڪاري بورڊ تحت “انويسٽ پاڪستان” جي آفيس کولي ويندي جيڪو پبلڪ پرائويٽ پارٽنرشپ ۾ ڪم ڪندو. اهو قانون سيڙپڪار دوست سروسز جي فراهمي ۾ مدد ڪندي. اجلاس ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 13 اپريل وارن فيصلن جي منظور يڏني وئي جن تحت ڏکڻ وزيرستان ۾ اگوراڊا ڪسٽم اسٽيشن کي افغانستان ۽ وچ ايشيائي رياستن لاءِ اڪسپورٽ لينڊ روٽ قرار ڏيڻ جي منظوري شامل آهي. ماحول دوست اليڪٽرڪ بائڪس ۽ رڪشائن جو استعمال وڌائڻ بابت فنانسنگ فيسليٽي جي منظوري ڏني وئي، جنهن تحت 5 لک رپين جو قرض پرائم منسٽر يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم ذريعي بنا وياج جي ملي سگهندو.