ڪابل (م ڊ) افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ سکن جي گردواري تي دهشتگردن جي حملي ۾ ٻه ڄڻا مارجي  ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. مليل اطلاعن موجب ڪابل ۾ سکن جي عبادتگاهه ڌرم شالا تي دهشتگردن بمن سان حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سيڪورٽي اهلڪار ۽ هڪ شهري مارجي ويا. پوليس ڪارروائي ڪندي حملو ڪندڙن کي به ماري ڇڏيو. حملي ۾ ڌرم شالا جو مک هال مڪمل طور تباهه ٿي ويو. افغان طالبان جي حڪومت ان حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ترجمان ذبيح الله مجاهد بيان ۾ چيو ته اقليتن جي مذهبي عبادتگاهن جي سيڪورٽي ممڪن بڻائي ويندي ، دهشتگردن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ کين هر صورت انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ٻئي طرف افغانستان جي پرڏيهي وزير امير متقي قبائلي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. هن اعلان ڪيو ته افغان لويه جرڳو جلد ڪابل ۾ ڪرايو ويندو جنهن ۾ سمورين افغان شخصيتن، سماجي ۽ سياسي اڳواڻن کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي ته جئين مسئلن مان نڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي سگهجي.