ڪابل تي طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ امريڪي صدر خاموشي اختيار ڪري ورتي

0
385
ڪابل تي طالبان جي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڪابل تي طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ امريڪي صدر خاموشي اختيار ڪري ورتي، صدر جو بائيڊن ڪنهن به عالمي اڳواڻ سان رابطو نه ڪيو، وزير اعظم عمران خان عالمي اڳواڻن سان رابطن سبب ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو.

افغان فوجي نٿا وڙهڻ

برطانوي وزير اعظم بورس جانسن چيو آهي ته افغانستان جي نئين حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو هڪطرفو نه هُجڻ گهرجي، عمران خان پاڪستان جو نالو برطانوي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، وزير اعظم سان جرمن چانسلر اينگلا مرڪل جو به فون تي رابطو.

وزير اعظم چيو ته پاڪستان سمورن افغان اڳواڻن سان رابطا ڪري رهيو آهي، عالمي برادري کي به مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، وزير اعظم سان ترڪ صدر ارجب اردگان ۽ ڊينمارڪ جي وزير اعظم سان به فون تي رابطو، افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ھي به پڙھندا

ڪابل ايئرپورٽ تي افراتفري: آمريڪي فوج جي فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا