لاهور(اسپورٽس نيوز) فاسٽ بالر نسيم شاهه ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏڻ کي يادگار تجربو قرار ڏئي ڇڏيو. نسيم شاهه چيو آهي ته اهڙين حالتن ۾ کيڏڻ سان کيس گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو. پاڪستان ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ويب سائيٽ ڪرڪيٽ پاڪستان کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ نسيم شاهه چيو ته ڪائونٽي جي تجربي سان انٽرنيشنل ميچن ۾ ڪارڪردگي جو گراف اڳ کان وڌيڪ بلند ٿيندو. نسيم شاهه چيو ته ڪائونٽي ڪرڪيٽ دوران زندگي ۾ اڳ کان وڌيڪ نظم و ضبط اچي وڃي ٿو.  هن چيو ته ڪائونٽي ڪرڪيٽ جهڙو بهترين ماحول پهريان ڪڏهن به ناهي ڏٺو، هتان جو گرائونڊ، آئوٽ فيلڊ تمام بهترين آهي اهڙي ڪنڊيشنز هڪ فاسٽ بولر لاءِ بهترين آهي، بولنگ ڪندي ماڻهو گهڻو انجواءِ ڪندو آهي.