سکر (بيورو رپورٽ) سکر بئراج جي ڪئنالن جي سالياني صفائي سبب سکر ۽ روهڙي شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران برقرار آهي. سکر شهر جي نئون پنڊ، نئون ڳوٺ، پراڻو سکر، شاليمار، گرم گودي، ملٽري روڊ، گوليمار سميت اڪثر علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي بند ٿي وئي. جڏهن ته روهڙي جي اڇيون قبيون، ڍڪ بازار، نيو يارڊ ڪالوني، لوڪوشيڊ ۾ پڻ پاڻيءَ جي فراهمي بند پيل آهي. پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ سبب سکر توڙي روهڙي واسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. انتظاميا پاران شهرين کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا. شهري پري پري کان پيئڻ لاءِ پاڻي ڀري رهيا آهن. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته شهر ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ کي ختم ڪئي وڃي، ٻِي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.