کھڙا: مبينا اغوا بعد روهڙي ڪئنال ۾ لوڙهيل ناري جي وارثن جو مظاهرو

0
306
کاهي ويجهو 3 معصوم ٻارڙا
کاهي ويجهو نينگرين سميت 3 ڄڻا برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، نينگري فوت

کھڙا (ن پ ا) کهڙا ڀرسان 6 ڏينهن اڳ درگاهه پيرڪٽڪپال تان مبينا اغوا بعد قتل ڪري روهڙي ڪئنال ۾ لوڙهيل ناري روبينا اڄڻ جي قتل خلاف ۽ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ شهرين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ ناري جي ڀاءُ مبين اڄڻ، مامي استاد بخش علي اڄڻ، عامر انصاري، عدنان سومرو، راشد ناريجو ۽ ٻين چيو ته اسان کي درگاھ جي فقيرياڻي شهزادي شيخ ۾ شڪ آهي ته هن کي جوابدارن جي باري ۾ ڄاڻ آهي، مطاهرين جو چوڻ آهي ته پوليس فقيرياڻي کي گرفتار ڪري بااثر جي مداخلت تي آزاد ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدار ڳولڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه ٿي وٺي ۽ اسان جي نياڻي جو خون لوڙهڻ چاهي ٿي.