کڏڙو (ن پ ا) کڏڙو ۾ انجمن حيدري پاران مرڪزي امام بارگاھ گل شاھ پڙ تان ڪربلا جي شھيدن گھوٽ قاسم عليه سلام ۽ شھزاده علي اڪبر عليه سلام جو 60 سالن کان نڪرندڙ تاريخي سيجن ۽ معصوم علي اصغر جي جھولن وارو ماتمي جلوس انجمن حيدري جي سرپرست چوڌري فرمان علي حيدري جي اڳواڻي ۾ سخت سيڪيورٽي ۾ برآمد ٿيو،جڏھن ته مرڪزي امام بارگاھ تي  مجلس عزا مولانا آغا اسد رضا الحسيني پڙھي ۽ ڪربلا جي شھيدن جي  لازوال قرباني تي روشني وڌي.