سانگهڙ/کڏڙو (نمائندن وٽان) کڏڙو ڀرسان جي ڊي اي ۽ پ پ ڪارڪنن ۾ جھيڙو، هڪٻئي تي ڏنڊن ۽ پٿرن سان حملو، فائرنگ، 6 ڄڻا زخمي، خبر موجب ايم پي اي خليفو وريام خاصخيلي، خليفو اسماعيل مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ورياماڻي ھائوس سنجھورو مان نڪتل جي ڊي اي جي موٽر سائيڪلن ۽ ڪارن جي ريلي کڏڙو ڀرسان سانگھڙ  نوابشاهه مين روڊ تي ڳوٺ سائين بخش رند ۾ پهتي ته پ پ ۽ جي ڊي اي ڪارڪنن ۾ نعريبازي تان ڇڪتاڻ ٿي پئي، جنهن دوران ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن هڪٻئي تي ڏنڊن ۽ پٿرن سان حملو ڪري ڏنو ۽ فائرنگ ڪئي، جنھن جي نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين جا 6 ڄڻا غلام قادر مڱريو، علي شير خاصخيلي، علي حيدر، غلام مصطفيٰ ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، جن کي سنجھورو ۽ سانگھڙ اسپتال نيو ويو، واقعي بعد پ پ ڪارڪنن سانگھڙ نوابشاھ روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ ٻنھي طرفن کان سوين گاڏيون بيھجي ويون، هوڏانهن سانگهڙ  ۾ وريام فقير خاصخيلي  ۽ ٻين پريس ڪانرنس ڪندي چيو ته جي ڊي اي کي اليڪشن مھم ھلائڻ نه پئي ڏني وڃي، پر امن ريلي تي فائرنگ ڪري چئن ڪارڪنن کي  زخمي ڪيو ويو آھي، هنن چيو ته پوليس ڪارڪنن کي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي هراسان ڪري رهي آهي، هنن چيو ته مخالف اڻوڻدڙ واقعا ڪرائي اليڪشن مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڊي آر او پ پ جو پرسنل سيڪريٽري لڳو پيو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته ريلي تي حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،